عوام کان 3 مهينن ۾ 110 ارب اضافي پيٽروليم ليوي وصول: دفاع تي 447 ارب خرچ

عوام کان 3 مهينن ۾ 110 ارب اضافي پيٽروليم ليوي وصول: دفاع تي 447 ارب خرچ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جولاءِ کان سيپٽمبر تائين عوام کان 110 ارب رپين جي اضافي پيٽروليم ليوي وصول ڪئي وئي. ناڻي وزارت جي دستاويزن موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي دوران پيٽروليم ليوي جي مد ۾ مجموعي طور 371 ارب رپيا وصول ڪيا ويا. گذريل مالي سال جي ساڳئي عرصي ۾261 ارب رپيا گڏ ڪيا ويا هئا، يعني لڳ ڀڳ 42.12 سيڪڙو اضافي پيٽروليم ليوي وصول ڪئي وئي. دستاويزن موجب آءِ ايم ايف جي شرط موجب جي ڊي پي جي لحاظ سان 1.6 سيڪڙو بجيٽ سرپلس حاصل ڪرڻ جو هدف رکيو ويو هو، جڏهن ته پهرين ٽه ماهي ۾ پرائمري بيلنس جي ڊي پي جي لحاظ سان 2.7 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو. قرضن تي وياج جي ادائگين لاءِ هڪ هزار 377 ارب، دفاع تي 447 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا. حڪومتي آمدني 6 هزار 200 ارب رپيا ۽ خرچ 88 هزار 80 ارب رپيا رهي. جولاءِ کان سيپٽمبر تائين حڪومت 2 هزار 119 ارب رپين جو قرض ورتو ويو. مرڪزي بئنڪ جو منافعو ان عرصي ۾ 2 هزار 428 ارب رپيا رهيو. دستاويزن موجب ڪاربان ليوي جي مد ۾ 10 ارب، اي وي ايڊاپشن ليوي جي مد ۾ 3 ارب جمع ٿيا. جولاءِ کان سيپٽمبر تائين پنشنر جي مد ۾ 249 ارب رپيا خرچ ٿيا. سول حڪومتي خرچ 161 ارب، سبسڊين جي مد ۾ 119 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا. قرضن جي سود جي ادائگين لاءِ مقامي سطح تي هڪ هزار 176 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا. صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ تحت هڪ هزار 775 ارب رپيا منتقل ڪيا ويا. پنجاب کي 882 ارب رپيا، سنڌ کي 441 ارب رپيا، خيبرپختونخوا کي 287 ارب رپيا، بلوچستان کي 164 ارب رپيا منتقل ڪيا ويا. ناڻي وزارت موجب چئني صوبن پهرين ٽه ماهي ۾ بجٽ سرپلس ڏنو. پنجاب 441 ارب رپيا، سنڌ 208 ارب رپيا، خيبرپختونخوا 77 ارب رپيا، بلوچستان 53 ارب رپين جو بجيٽ سرپلس ڏنو.