اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مهانگائي جي ماريل عوام کي بجلي جو جهٽڪو، حڪومت بجلي قيمت ۾ اضافو ڪري ڇڏيو
نيپرا بجلي جي قيمتن ۾ 1 رپيو 25 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏني آهي
بجلي جي قيمتن ۾ ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ واڌ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي
بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جنوري کان مارچ تائين جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ وصول ڪئي ويندي قيمتن ۾ واڌ هلندڙ سال جون کان سيپٽمبر تائين لاڳو هوندي.
بجلي جي قيمت ۾ واڌ جي صورت ۾ عوام تي 46 ارب رپين جو اضافي بار پوندو جڏهن ته نيپرا پاران بجلي جي قيمتن بابت تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو