| عوام کي صاف پيئڻ وارو پاڻي ڏيو، ڪوتاهي برداشت نه ڪبي: نويد قمر |
بلڙي شاھه ڪريم (ن پ ا) اڳوڻي وفاقي وزير ايم اين اي سيد نويد قمر ۽ ايم پي اي خرم ڪريم سومرو پاران بلڙي شاھ ڪريم ۾ مختلف ترقياتي اسڪيمن جو افتتاح ڪيو ويو، سيد نويد قمر ڳوٺ خان محمد رند ۾ پرائمري اسڪول جي نئين بلڊنگ جي افتتاح بعد ۽ واٽر اسڪيم جي افتتاح موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بلڙي شاھ ڪريم جي واٽر اسڪيم سال 1988ع ۾ منظور ٿي هئي، پر مختلف سببن ڪري هلائي نه سگهجي هئي، هن چيو ته سندس دلي خواهش هئي ته بلڙي شاھ ڪريم جي عوام کي صاف پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪيو وڃي، جيڪا ڪوشش هاڻي ڪامياب ٿي رهي آهي، سيد نويد قمر وڌيڪ چيو ته واٽر اسڪيم کي مڪمل ڪرائي شهرين کي صاف پاڻي فراهم ڪيو ويندو ۽ هن اسڪيم جي هو پاڻ نگراني ڪندو، ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. ان موقعي تي مير علي رضا ٽالپر، ڊاڪٽر ايوب جت، جهانزيب جت، ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو محمد خان ڌرمون ڀاواني، پبلڪ هيلٿ، ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ، حيسڪو ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا عملدار پڻ موجود هئا.