عوام کي پيٽرول سستو ٿيڻ جو مڪمل رليف نه مليو، ڪمپنين ۽ ڊيلرز کي فائدو

آڪٽوبر 1, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پيٽرول ۽ ڊيز ل تي تيل ڪمپنين ۽ ڊيلرز جي مارجن ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو

 جنهن جي نتيجي ۾ پيٽروليم شين تي مڪمل رليف عوام تائين نه پهچي سگهيو. پيٽرول ۽ ڊيزل تي مارجن ۾ 88 پئسا في لٽر واڌ ڪئي وئي آهي

 ذريعن موجب تيل ڪمپنين جو مارجن 47 پئسا في لٽر وڌايو ويو ۽ ڊيلرز مارجن ۾ في لٽر 41 پئسا واڌ ڪئي وئي. پيٽرول تي او ايم سي مارجن 6.47 مان وڌي 6.94 رپيا في لٽر ٿي ويو، جڏهن ته ڊيزل تي او ايم سي مارجن 6.70 رپين مان وڌي 7.17 رپيا في لٽر ٿي ويو

 حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي فريٽ مارجن به وڌائي ڇڏيو، ڊيزل تي فريٽ مارجن هڪ رپيو 78 پئسا في لٽر ۽ پيٽرول تي 16 پئسا في لٽر وڌايو ويو. حڪومت ڊيزل تي 65 رپيا 70 پئسا في لٽر ٽيڪسز ۽ 50 رپيا في لٽر ليوي وصول ڪري رهي آهي

 پيٽرول تي 80 رپيا 29 پئسا في لٽر ٽيڪسز ۽ پيٽروليم ليوي 60 رپيا في لٽر آهي. واضح رهي ته ان کان اڳ 16 سيپٽمبر تي به پيٽرول، ڊيزل تي او ايم سي ۽ ڊيلرز مارجن في ليٽر 88 پئسا وڌايو ويو هو

Leave A Comment