عوام 8 فيبروري تي چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ جي سازش کي ناڪام بڻائي: بلاول ڀٽو زرداري

جنوري 29, 2024

راولپنڊي (م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 8 فيبروري تي تير تي ٺپو هڻي چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ جي خواهش رکندڙ شخص جي سازش کي ناڪام بڻايو. راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ن ليگ وارا توهان کي گمراهه ڪرڻ چاهين ٿا، تنهن ڪري توهان سوچي سمجهي ووٽ ڏيو ۽ چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ جي خواهش رکندڙ شخص جي سازش کي ناڪام بڻايو. هن چيو ته هڪ جماعت اها ئي پراڻي سياست شروع ڪئي آهي ۽ سمجهي ٿي ته ائين ڪري ڪامياب ٿي ويندا پر اهي نٿا ڄاڻين ٿا ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي، ن ليگ جي نظرياتي ڪارڪنن کي سمجهايو ته هاڻ ن ليگ اها پارٽي ناهي رهي، تنهن ڪري شينهن تي ٺپو هڻڻ بدران تير تي ٺپو هڻو. سندس چوڻ هو ته ملڪ هن وقت خطري ۾ آهي، معاشي ۽ جمهوري بحران آهي، جڏهن ته دهشتگردي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪَر کڻي رهي آهي پر پ پ ئي ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍي سگهي ٿي، هاڻ ڪو گڊ طالبان ۽ بيڊ طالبان نه هوندو، جيڪو اسان جي آئين کي نٿو مڃي، ان کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو ۽ اهو سڀ پ پ ئي ڪري سگهي ٿي.

Leave A Comment