عورتن بنا ملڪي خوشحالي ۽ ترقي ممڪن ناهي: بدين ۾ سيمينار

عورتن بنا ملڪي خوشحالي ۽ ترقي ممڪن ناهي: بدين ۾ سيمينار

بدين (رپورٽر) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر سسئي پليجو چيو آهي ته  عورتن جي عالمي ڏهاڙي تي اسين شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا. سنڌ جون عورتون سياسي طور سجاڳ آهن ۽ عورتن جا حق دراصل انساني حقن سان لاڳاپيل آهن عورت ميڊيا جي آزادي لاءِ به هڪ موثر آواز آهي.عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي سسئي پليجو چيو ته جنگن ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر عورتون ۽ ٻارڙا ٿين ٿا، سيمينار کي خطاب ڪندي انعم گدارو،صنم عباسي ، سورمي سٿ جي اڳواڻ ماروي عابده سمون ۽ ٻين مقررن عورت جي عظمت ۽ اهميت تي ڳالهائيندي چيو ته ڪنهن به قوم جي خوشحالي ۽ ترقي عورتن جي شموليت کان بغير ممڪن ناهي. هنن چيو ته عورتن مذهبي، سماجي، سياسي ۽ معاشي ميدانن ۾ هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ تاريخ ۾ ڪيترين بهادر عورتن پنهنجي جدوجهد سان سماج کي نئين راهه ڏيکاري آهي مقررن چيو ته قوم کي فاطمه جناح، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ بيگم نصرت ڀٽو جهڙين بهادر عورتن جي جدوجهد تي فخر آهي، جن جمهوريت، حقن ۽ سماجي انصاف لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون. هنن چيو ته اسين عورتن جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا سيمينار ۾ ڳالهائيندي مقررن چيو ته والدين کي گهرجي ته پنهنجي نياڻين کي انهن جا بنيادي حق ڏين ۽ کين پٽن جي برابر موقعا فراهم ڪن، ڇو ته ڇوڪري تڏهن ئي ڪامياب ٿيندي جڏهن سندس فيملي کيس مڪمل سهڪار فراهم ڪندي. هنن چيو ته تعليم، شعور ۽ همت سان عورت سماج ۾ مثبت تبديلي آڻي سگهي ٿي.