ميرپورخاص جي ميڊيڪل جي شاگردياڻي فهميده لغاري جي المناڪ موت جو ڏک هر درد وند دل ۾ اڃا تازو هو، ته سنڌ جي ڌرتي ٻيهر هڪ نياڻيءَ جي رت سان ڳاڙهي ڪئي وئي. ٽنڊو مستي ڀرسان ڳوٺ ٻٽو چانڊيو ۾ هڪ معصوم نياڻي، خالده عرف روبينا چانڊيو، کي بي رحمي سان هجوم جي سامهون گولين جو نشانو بڻايو ويو۔ اهو رڳو هڪ قتل نه هو، پر انسانيت جي ڇاتيءَ ۾ اهڙو گهاءُ هو، جنهن جو سور هر حساس دل ۾ محسوس ٿي رهيو آهي. هن نياڻي کي نه رڳو ماريو ويو، پر سندس وجود، سندس عزت، ۽ انسانيت کي به لتاڙيو ويو. سوشل ميڊيا تي اهڙيون رپورٽون آهن ته کيس نه غسل ڏنو ويو، نه ڪفن پارايو ويو ۽ نه ئي سندس جنازي نماز پڙهي وئي، هڪ انسان کي مئل جانور وانگر کڏ کوٽي پوريو ويو. آخر هي ڪهڙو سماج آهي، جتي عورتن کي بي گناھ قتل ڪرڻ کان پوءِ سندن ميت جو به تقدس ۽ احترام نٿو ڪيو وڃي؟
هي ڪو هڪڙو واقعو ناهي، پر سنڌ جي انهن ڪيترين ئي بي آواز نياڻين جي بي گناهه قتل جو تسلسل آهي، جن کي “ڪارنهن” جي الزامن هيٺ ماريو وڃي ٿو۔ حقيقت ۾ “ڪارنهن” ڪو ڏوهه نه، پر هڪ بهانو آهي، عورت جي آزاديءَ کي چيڀاٽڻ جو، سندس آواز کي دٻائڻ جو، ۽ سندس وجود کي ختم ڪرڻ جو۔ هالا ۾ شمائلا چانڊيو جو قتل به ان ئي سلسلي جي ڪڙي آهي.
هتي ٽنڊو مستي جي قبرستان اچي خبر پئي آهي ته باقراڻي ڀرسان ڪجھ ڏينھن پهريان ماءُ ڌيءُ کي قتل ڪري سندن لاش درياھ ۾ لوڙهيا ويا آهن، ۽ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ ٿيندڙ اهڙا واقعا، اهي سڀ هڪ ئي سوچ جو نتيجو آهن. عورت دشمن سوچ، جيڪا ورهين کان هن سماج جي رڳن ۾ زهر وانگر وهندي رهي آهي.
ٽنڊو مستي واري واقعي جو سڀ کان ڀيانڪ پاسو اهو آهي ته اهو سڀ ڪجهه سوين ماڻهن جي سامهون ٿيو. هڪ نياڻي، جيڪا شايد آخري گهڙين ۾ زندگيءَ جي التجا ڪري رهي هئي، جنهن جون اکيون رحم لاءِ واجهائي رهيون هيون، جنهن جي زبان مان مدد لاءِ سڏ نڪري رهيا هئا، پر هجوم خاموش رهيو. اهو هجوم، جنهن ۾ سندس پنهنجا به شامل هئا، ماما، چاچا، سئوٽ، پاڙيسري، ۽ سڀ ڳوٺ وارا موجود هئا، پر ڪنهن به انسانيت جو ثبوت نه ڏنو. ڪنهن به هٿ اڳتي نه وڌايو، ڪنهن به گولي هڻندڙ کي روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي. اهو تماشائي يا خاموش هجوم ئي اصل ڏوهاري آهي، جنهن پنهنجي بي حسي سان هن قتل کي ممڪن بڻايو. اهو منظر تصور ڪرڻ سان ئي روح ڏڪي وڃي ٿو، هڪ بي وس نياڻي وچ ۾ بيٺل، ۽ چوڌاري هٿياربند ماڻهو، جيڪي کيس نشانو بڻائي رهيا آهن. گولين جو آواز رڳو هڪ جسم کي نه، پر سڄي سماج جي ضمير کي زخمي ڪري رهيو هو. ۽ جڏهن اها نياڻي زمين تي ڪري پئي، تڏهن به ڪنهن کي رحم نه آيو. سندس ماءُ، جيڪا شايد دل ۾ تڙپي رهي هئي، ڪجهه به چئي نه سگهي. سندس سرتيون، جيڪي گهرن جي دروازن ۽ لوڙهن پٺيان بيهي اهو منظر ڏسي رهيون هيون، خوف ۽ بي وسيءَ ۾ ڏڪنديون رهيون۔ اهو سماج، جيڪو پاڻ کي “غيرت وارو” سڏائي ٿو، اتي هڪ نياڻي جي جان جي ڪا به قيمت نه رهي.
اسان جي سماج ۾ مرد جي “غيرت” کي عورت جي وجود سان ڳنڍيو ويو آهي. جيڪڏهن ڪو مرد محبت ڪري، ته سندس لاءِ رستا کوليا وڃن ٿا، ميڙون ڪيون وڃن ٿيون، ۽ معاملا سلجهائي ڇڏجن ٿا. پر جيڪڏهن ڪا نياڻي ساڳيو قدم کڻي، ته پوءِ سندس انجام موت بڻجي وڃي ٿو. هي ٻٽو معيار نه رڳو ناانصافي آهي، پر هڪ اهڙو ظلم آهي، جيڪو عورت کي هڪ انسان کان گهٽ حيثيت تي آڻي بيهاري ٿو.
هي مسئلو صرف سماجي ناهي، پر قانوني به آهي. هن واقعي ۾ پوليس جو ڪردار انتهائي مايوس ڪندڙ رهيو آهي. ايف آءِ آر موجب پوليس کي وقت سر اطلاع مليو ۽ اھا واقعي واري هنڌ تي پهتي، پر ان جي باوجود نه قتل روڪي سگهيا ۽ نه ئي جوابدارن کي گرفتار ڪري سگهيا. زخمي نياڻي، جيڪا اڃا زندهه هئي، ان کي اسپتال منتقل ڪرڻ بدران مرڻ لاءِ ڇڏيو ويو. اهو رويو نه رڳو غير انساني آهي، پر قانوني طور به هڪ وڏو ڏوهه آهي. وڌيڪ حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته جوابدار پوليس جي موجودگي باوجود آساني سان فرار ٿي ويا. اهو سوال نٿو ڪري سگهجي ته ڇا اها رڳو نااهلي هئي، يا ان ۾ ڪنهن قسم جي ملي ڀڳت به شامل هئي؟ سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ بيانن موجب، مقتول جي والد پوليس تي رشوت وٺڻ جا الزام لڳايا آهن. جيڪڏهن اهي الزام صحيح آهن، ته پوءِ اهو معاملو رڳو هڪ قتل جو نه، پر انصاف جي سڄي نظام جي ناڪامي جو آهي. ان کان پوءِ پوليس پاران جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي نالي تي سندن گهر ڊاهڻ شروع ڪيا ويا، جيڪو هڪ ٻيو ظلم آهي۔ هڪ فرد جي ڏوهه جي سزا سندس سڄي خاندان کي ڏيڻ ڪهڙي انصاف جي اصول هيٺ اچي ٿو؟ انهن گهرن ۾ عورتون، ٻار، ۽ بي گناهه ماڻهو رهندا آهن، جيڪي ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث نه هوندا آهن. انهن کي بي گهر ڪرڻ سان انصاف نه، پر نئين ناانصافي جنم وٺي ٿي.
سنڌ ۾ اهڙا واقعا ڪو نئون باب ناهن، سرداري نظام، قبيلائي روايتون، ۽ قانون جي ڪمزور عملداري گڏجي هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪيو آهي، جتي عورتن جي زندگيءَ جو ڪو به قدر ناهي. “ڪارنهن” جهڙي رسم اصل ۾ هڪ سماجي دهشتگردي آهي، جنهن کي روايتن جي نالي تي تحفظ ڏنو وڃي ٿو. هن رسم نه رڳو عورتن کان جيئڻ جو حق کسيو آھي. پر سماج جي اخلاقي قدرن کي به ختم ڪري ڇڏيو آهي.
تاريخ اسان کي سيکاري ٿي ته جڏهن قانون مضبوط هوندو آهي، تڏهن اهڙا ڏوهه گهٽ ٿيندا آهن۔ برطانوي دؤر ۾ جڏهن چارلس نيپيئر ڪارو ڪاري بابت ٻڌو، ته هن سخت قانون لاڳو ڪيا، جنهن کان پوءِ اهڙا واقعا گهٽجي ويا۔ اڄ به سنڌ کي اهڙي ئي مضبوط قانوني نظام جي ضرورت آهي، جيڪو ڪنهن به قسم جي دٻاءَ کان آزاد هجي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته غيرت جي نالي تي قتل کي دهشتگردي قرار ڏنو وڃي۔ فوري ٽرائل ڪورٽون قائم ڪيون وڃن، جتي ڪيس سالن بدران مهينن ۾ نبيريا وڃن. شاهدن کي تحفظ ڏنو وڃي ته جيئن ماڻهو بي خوف ٿي شاهدي ڏئي سگهن. پوليس سڌارن تي سنجيدگي سان ڪم ڪيو وڃي ته جيئن اهڙن ظلمن کي روڪي سگهجي. ساڳئي وقت، سماجي شعور پيدا ڪرڻ به انتهائي ضروري آهي۔ اسڪولن، ميڊيا، ۽ مذهبي ادارن کي گڏجي عورتن جي حقن بابت آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي. ماڻهن کي اهو سمجهائڻو پوندو ته غيرت ڪنهن جي جان وٺڻ جو نالو ناهي، پر احترام، انصاف، ۽ انسانيت جو نالو آهي. شمائلا چانڊيو، خالده عرف روبينا چانڊيو ۽ باقراڻي ڀرسان قتل ٿيل نغمه ۽ سندس ماءُ جا قتل اسان لاءِ هڪ چتاءُ آهن. اهي اسان کان سوال ڪن ٿا، ڇا اسان اڃا به خاموش رهنداسين؟ ڇا اسان اڃا به انهن ظلمن کي روايتن جي نالي تي قبول ڪندا رهنداسين؟