عورتن جي عالمي نمبر ون آرينا سبالينڪا نڪ ڪرگيوس سان ٽينس ميچ کيڏندي

عورتن جي عالمي نمبر ون آرينا سبالينڪا نڪ ڪرگيوس سان ٽينس ميچ کيڏندي

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ٽينس ۾ هڪ منفرد ميچ ٿيڻ وارو آهي، عورتن جي عالمي نمبر ون بيلاروس جي آرينا سبالينڪا آسٽريليا جي نڪ ڪرگيوس سان مقابلو ڪندي، ٽينس جي دنيا ۾ هڪ مرد ۽ هڪ عورت جي وچ ۾ هي ميچ اڄ دبئي ۾ منعقد ٿيندو،27 سالن جي آرينا سبالينڪا 30 سالن جي اڳوڻي ومبلڊن فائنلسٽ ڪرگيوس جي خلاف ٽينس جي نمائشي ميچ ۾ مقابلو ڪندي، هڪ مرد ۽ هڪ عورت جي وچ ۾ هي جنگ هاڻي سڄي دنيا جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي آهي.دنيا جي نمبر 13 آسٽريليا جي رانديگر نڪ ڪرگيوس سيپٽمبر ۾ يو ايس اوپن دوران عورتن جي عالمي نمبر ون سبالينڪا کي هڪ ميچ لاءِ چيلينج ڪيو هو. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته کيس سبالينڪا کي شڪست ڏيڻ لاءِ پنهنجو 100 سيڪڙو ڏيڻ جي ضرورت نه پوندي. ڪرگيوس اها به دعويٰ ڪئي ته عورتون مردن جي تيز سروس سان مقابلو نٿيون ڪري سگهن.سبالينڪا پنهنجي مخالف کي جواب ڏنو ۽ چيو ته هوءَ ڪرگيوس جي چئلينج کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن مقابلي ۾ سڄي دنيا جي عورت رانديگرن جي نمائندگي ڪرڻ سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه هوندي. هوءَ ڪرگيوس جي خلاف کيڏندي جيڪو پنهنجي ڪيريئر جو بهترين ٽينس  ميچ کيڏي رهيو آهي.