عورتن سان ٿيندڙ ظلم جون هزار ڳالهيون

                 ڳالھ جيڪڏهن سماج جي ڪجي ته ھر سماج جي عمارت جا بنيادي ستون عورت ۽ مرد ھوندا آھن، سنڌي سماج ۾ به اھي ٻئي ستون معاشي گھاڻي ۾ برابر جا پيڙيل آھن. عورت مٿان ذميوارين جا انبار مڙھيل رھن ٿا، جنھن ۾ عورت نوڪريءَ سان گڏوگڏ گھر ۽ ٻار به سنڀالي ٿي. اسان وٽ ٻارن کي سنڀالڻ جي ذميواري صرف عورت جي ئي آھي. ڇاڪاڻ ته ھن ٻارن کي ڄڻڻ جو ذمو کنيو آهي. ڇوڪرين جي رضامندي کانسواءِ ملڪيت کي ٽڪر ٽڪر ٿيڻ کان بچائڻ ۽ غيرت جي آڙ ۾ سندس شادي ڪھڙي به عمر جي مرد سان ڪرائي ڇڏڻ، پوءِ اھو 80 سالن جو پوڙھو ھجي يا 10 سالن جو ڇوڪرو ھجي. شادي شده عورت ڊاڪٽر ھجي، انجنيئر ھجي، وڪيل ھجي يا کڻي ڪھڙي به اعليٰ شعبي سان تعلق رکندڙ ھجي، مٿس طلاق جي تلوار ھر وقت لٽڪندي رھي ٿي. اھي جايون جتي عورت نوڪري يا ٻيون سماجي ذميواريون سرانجام ڏيندي ھجي، اتي کيس جنسي طور هراسان ڪيو ويندو آهي. پگھار ۽ جائداد جي معاملن ۾ عورت سان اڻ برابري واري رويي کي ھٿ وٺي ڪري ترجيح ڏني وڃي ٿي.

به زن ستم مڪن ڪه، او مادرِ سرزمين است

به خونِ دلش رواست، پرچم ات رنگين است

(عورت تي ايترو ظلم نه ڪريو ڇوته ھوءَ توھان جي ماءُ آھي، ان جي ئي رت سان توھان جا پرچم رنگين آھن).

عورت تي ٿيندڙ ظلم ۽ وھندڙ رت جو وڏو مثال غيرت جي نالي تي ڪارو ڪاري وارو قتل عام آھي. سنڌي سماج ۾ ڪاروڪاري کي پيپلز پارٽي جي جاگيردار نواز سرڪار هٿي ڏني آهي. قبائلي انا، غلط فھميون، سماجي دٻاءُ، ملڪيت جي ھٻڇ، عورت جي آزاديءَ جو ڊپ، خود غرضي ھن بربريت جا بنيادي عنصر آھن. غيرت جي نالي تي قتل اصل ۾ مرد جي انا، بي غيرتي ۽ عورت تي مالڪاڻا حق رکڻ واري سوچ جو نتيجو آھي. تازو ئي ميرپور ماٿيلو ۾ وحشانيت جو ڏيک ڏيندڙ ۽ دل ڏکوئيندڙ واقعو ٿيو آھي. جنھن ۾ هڪ نياڻي کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو. قتل کان پھرين ان کي جرڳي جي فيصلي تحت زبردستي پرڻايو ويو ته ٻيھر ڪارنھن جو الزام ھڻي کيس قتل ڪيو ويو. ۽ لاش گم ڪيو ويو.

سنڌ صدين کان امن ۽ محبت جي ڌرتي رھي آھي. ھتي شاھ عبداللطيف جي شاعريءَ ۾ انسانيت جي خوشبو آھي، ڀٽائي عورت جي سورهيائي، بھادري، وطن جي حب ۽ ماروئڙن جي سڪ ۽ اڪير کي سنڌ جي عورت جو حسن ڄاڻايو آھي. ان سنڌ ڌرتيءَ تي سنڌ جي عورتن سان ٿيندڙ اھڙن ھاڃن ۽ اڀ ڏاريندڙ واقعن ۾ وڏيرن، ڀوتارن ۽ سردارن جون ھٿ ٺوڪيون ۽ ڪوڙيون رسمون ملوث آهن. جيڪي خود انھن سردارن جي فائدي لاءِ ئي آھن. اھڙا دل سوز واقعا ڪڏھن اخبارن ته ڪڏھن سوشل ميڊيا ۽ وري ڪڏهن ماڻھن جي زباني ڪنن تائين پھچن ٿا. خبر ناھي ته ڪيترا واقعا رپورٽ ٿيڻ جي بدران دٻايا ويا ھوندا. 2025ع ۾ ھيستائين رپورٽ ڪيل واقعن ۾ سئو کان مٿي عورتون ڪارنھن جي الزام ھيٺ قتل ڪيون ويون آهن. جيڪو بي حد وحشي ۽ بيغيرتي جو عمل آھي. ھي ڪوڙي ڪاروباري ۽ سرداري رسم سراسر انساني حقن جي ڀڃڪڙي آھي. اھا ڳالھ واضح ۽ چٽي آھي ته اھڙا جرڳا ۽ فيصلا غيرقانوني ۽ ناقابل قبول آھن. سنڌ ۾ گھڻن علائقن ۾ جرڳن ۽ قبائلي فيصلن ذريعي سڱ چٽيءَ ۽ ڪارو ڪاري جا فيصلا ڪيا وڃن ٿا. جنھن جي خلاف سخت قدم کنيا وڃن. سنڌ پوليس انھن ڪيسن جي سنجيدگيءَ سان جاچ پڙتال ڪري، انھن واقعن ۾ ملوث سردارن، ڀوتارن، ۽ بااثر ماڻھن ۽ انھن پوليس آفيسرن کي وائکو ڪري جيڪي انھن ڪڌن ڪاروبارن ۾ ملوث آھن ۽ انھن کي ڪيفر ڪردار تائين رسائي.

ان سڄي ڪڌي نظام جو تدارڪ صرف قانونسازي سان نه پر سماجي سوچ، صحيح تعليم، انصاف، سياست ڏانھن لاڙي ۽ ان ڏانهن سنجيدگي سان ممڪن آھي. ڪارو ڪاري جهڙن واقعن ۾ معصوم زندگين جو نه پر سڄي سماج جو قتل ڪيو وڃي ٿو. ان ڏس ۾ عورت جي تحفظ لاءِ سخت قانون قدم کنيا وڃن ۽ عورتن کي به سجاڳ ٿي منظم ۽ متحد جدوجھد ڪرڻ گهرجي، ان سلسلي ۾ 16 نومبر تي سنڌياڻي تحريڪ طرفان سٽي گيٽ کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين سنڌ جو وجود ۽ وسيلا بچايو مارچ ڪيو پيو وڃي. سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪئنالن، معدني وسيلن تي ڌاڙن، قبيلائي دهشتگردي، ڪارو ڪاري ۽ عورتن جي قتلن خلاف هي هڪ زبردست احتجاج آهي. جنهن ۾ سنڌ جي سمورن گهڻ گهرن کي شرڪت ڪرڻ گهرجي.