عورتن لاءِ جھنم بڻيل سماج

                 پاڪستان جي انساني حقن واري وفاقي کاتي جي وزير، اعظم نذير تارڙ قومي اسيمبلي ۾ ملڪ ۾ عورتن سان ٿيندڙ ظلمن، ڏاڍاين ۽ جبر تي ھڪ رپورٽ پيش ڪئي آھي. اھا رپورٽ پڙھي ماڻھوءَ جا لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا تہ اسين ڪھڙي ملڪ ۾ رھون ٿا؟ اسان ڪھڙي سماج ۾ رھون ٿا؟ اسان ھڪ اھڙي سماج ۾ رھون ٿا، جتي ھر روز عورتن سان ظلم ۽ بربريت ٿئي ٿي. وفاقي وزير طرفان قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل ان رپورٽ موجب گذريل چئن سالن دوران پاڪستان ۾ 7,500 عورتون قتل ڪيون ويون آھن. جڏھن ته ساڳئي  عرصي دوران ملڪ ۾ عورتن سان 17,771 جنسي ڏاڍائيءَ جا واقعا ٿيا آھن. 121عورتن تي تحويل دوران ڏاڍائي جا واقعا ٿيا آھن. گهرن ۾ عورتن مٿان تشدد جا 9799 واقعا رپورٽ ٿيا آھن ۽ ڪم ڪرڻ واري هنڌ Workplaces تي جنسي ھراسمينٽ جا 632 واقعا رپورٽ ٿيا آھن. مجموعي طور عورتن تي تشدد جا 173,367 واقعا رپورٽ ٿيا آھن. اھي انگ اکر تہ سرڪار طرفان خود جاري ڪيا ويا آھن، واقعا اڃان  وڌيڪ ٿي سگھن ٿا پر پوءِ بہ اھي انگ اکر ڏسي ماڻھو رت روئي ٿو تہ اسان وٽ عورتن لاءِ ڪيئن نہ زندگي جھنم بنائي ويئي آھي. وڏيرن، جاگيردارن ۽ حڪمرانن گڏجي عورتن جو استحصال ڪيو آھي. عورت جيڪا ھر روز ھيڏن ظلمن جي گھاڻي ۾ پيڙجي ٿي، ٿورو ڏسجي تہ ڪيئن اھا عورت ھن سڄي دنيا کي ھلائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري ٿي. گھر کان وٺي ملڪ جي معيشت تائين عورت جو وڏو ڪردار آھي. ڪپڙو جيڪو اسان پھريون ٿا، اھا ڪپھ جيڪا ملڪ جي معشيت جو وڏو ذريعو آھي، اھا ڪپھ پوکڻ ۽ ان ۾ محنت جو ڪريڊٽ عورت ڏانھن وڃي ٿو. نہ صرف ملڪ پر سنڌ ۾ بہ ڏٺو وڃي تہ زرعي معيشت ۾ عورت جو وڏو ڪردار آھي. عورت ھميشہ کان محنت ڪئي آهي. ھن وقت سنڌ جون عورتون ڏک، خوف ۽ پريشانين ۾ ورتل آھن. ھتي ھر وقت عورتن کي اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ ھراسمينٽ جو خوف آهي. سنڌ جي ٻھراڙين ۾ عورتن جي صورتحال اڃان بہ وڌيڪ خطرناڪ حد تائين خراب آھي. سال 2023 جي آدمشماري موجب سنڌ ۾ رھندڙ عورتن جو تعداد 2 ڪروڙ 66 لک کان وڌيڪ آھي .جنھن ۾ سنڌ ۾ رھندڙ عورتن جو تعداد ھڪ ڪروڙ 10 لک کان وڌيڪ آھي. انھن مان 70 کان 80 سيڪڙو عورتون زراعت سان لاڳاپيل آھن. حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب سنڌ ۾ زراعت بہ تباه ۽ برباد آھي. ھن وقت سنڌ جون عورتون ڪيترن ئي مسئلن ۾ جڪڙيل آھن. سنڌ جي سوين ڳوٺن ۾ اھڙيون ڇوڪريون آھن، جيڪي تعليم کان محروم آھن. UNESCO  جي 2023 واري رپورٽ موجب سنڌ جي ٻھڙاري ۾ صرف 22 سيڪڙو ڇوڪريون پرائمري کان اڳتي تعليم حاصل ڪن ٿيون .78 سيڪڙو ڇوڪريون پرائمري تعليم کان اڳتي حاصل نٿيون ڪري سگھن. اسڪولن جي کوٽ، عورت استادن جي اڻاٺ، غربت  ۽ رسائي جا مسئلا ۽ ريتن رسمن ۾ جڪڙيل سماجي پابندين سبب ڇوڪريون اسڪول وڃڻ کان رھجي وڃن ٿيون. تعليم جو مطلب ته اھي مستقبل ۾ پنھنجن حقن کان پنھنجي لاءِ آواز اٿارڻ لاءِ محروم ٿي وڃن ٿيون. سنڌ ۾ عورتن مٿان تشدد، ڪاروڪاري ڪري قتل ۽ ننڍي عمر ۾ شادي، گھريلو تشدد، عزت جي نالي تي قتل ڪرڻ جھڙا عمل معمول جو حصو بڻيل آھن. عورت فائونڊيشن جي انگن اکرن مطابق 2023 دوران سنڌ ۾ عورتن مٿان تشدد جا 2600 کان وڌيڪ ڪيس آهن. انهن ۾ گھريلو تشدد، زبردستي، شاديون، ڪاروڪاري ، جنسي ڏاڍائي جا ڪيس شامل آهن. جڏهن ته اصل انگ اکر انکان به وڌيڪ آهن. ڇاڪاڻ ته گھڻا ڪيس سماجي دٻاءُ يا شرم جي ڪري سامهون ئي نٿا اچن.

ٻھڙاري جي عورتن جا صحت جا مسئلا به پڻ آھن. اھي انتهائي سنگين آهن. WHO جي رپورٽ موجب سنڌ ۾ ويم دوران فوت ٿيندڙ عورتن جي شرح 100,000 عورتن تي 276 آهي، جيڪا عالمي شرح کان تمام گھڻي آهي. گھڻين عورتن کي اسپتالن تائين رسائي حاصل ناهي. يا وري مرد ڊاڪٽر وٽ وڃڻ سماجي طور نامناسب سمجھيو وڃي ٿو يا غير ترتيب يافته دائين وٽ ويم ٿيندو آھي. جيڪو عورت جي زندگي لاءِ خطري جو سبب بڻجي ٿو. سنڌ ۾ اڄ به عورت پنهنجا بنيادي حق نٿي وٺي سگھي، چپ چاپ ظلم سھي مري ٿي وڃي .ھي وقت آھي تہ سنڌ جي عورتن کي پنھنجي حقن لاءِ اٿي ھڪ ٿيڻو پوندو. سنڌياڻي تحريڪ جنھن جو بنياد رسول بخش پليجي صاحب وڌو، اھا سنڌ ۾ نہ فقط عورتن جي حقن پر قومي حقن جي حوالي سان ھڪ سگھارو آواز آھي. 16 نومبر 2025 تي سنڌياڻي تحريڪ طرفان عورتن سان ٿيندڙ ظلمن ۽ سنڌ جي قومي حقن لاءِ حيدرآباد ۾ زبردست ريلي ڪڍي رھي آھي جنھن ۾ سموري سنڌ کي شرڪت جو سڏ ڏجي ٿو.