عورتن لاءِ خوشخبري: بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم ۾ واڌ

جُون 7, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اقتصادي ڪائونسل ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جا هدف تيار ڪري ورتا، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم ۾ واڌ، وفاقي بجيٽ 13800ارب جي هوندي   دفاع لاءِ 1800 ارب تجويز، قومي ترقياتي پروگرام لاءِ 2709 ارب منظور، توانائي بچت لاءِ پهرين جولاءِ کان رات جو 8وڳي دڪان بند ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، بجيٽ خسارو 6 هزار ارب هوندو، 12 هزار آمدني جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، وزيراعليٰ بلوچستان پاران قومي اقتصادي ڪائونسل اجلاس جو بائڪاٽ ڪيو ويو

 تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ دفاع لاءِ 1800 ارب رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي

 ذريعن موجب نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل ايندڙ مالي سال جي بجيٽ لاءِ هدف تيار ڪري ورتا آهن، جنهن تي ناڻي وزير اسحاق ڊار وزيراعظم کي بريفنگ ڏني، ذريعن موجب ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي ڊي پي جو 7.7 سيڪڙو مالياتي خساري سان گڏ تيار ڪيو ويو آهي، وفاق ۽ صوبن کي ملائي 7.1سيڪڙو مالياتي خساري جي بجيٽ تيار ڪئي وئي آهي

 ذريعن موجب بجيٽ ۾ 6 هزار ارب کان وڌيڪ جو مالياتي خسارو هوندو، قرض ۽ وياج جي ادائيگين تي 7300 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا، ذريعن موجب ايندڙ بجيٽ ۾ دفاع لاءِ 1800 ارب رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 430 ارب رکيا ويندا

 ذريعن موجب ايف بي آر لاءِ 9200 ارب ٽارگيٽ مختص ڪيو ويو آهي نان ٽيڪس آمدني جي مد ۾ 2800 ارب رپين جو هدف رکيو ويو آهي. اجلاس ۾ سنڌ، خيبر پختونخوا جي وڏن وزيرن ۽ پنجاب جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته بلوچستان جو وڏو وزير اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيو

 ذريعن مطابق قومي اقتصادي ڪائونسل ايندڙ مالي سال لاءِ سالياني ترقياتي پروگرام جي منظوري ڏني، اين اي سي 2709 ارب رپين جي ترقياتي پروگرام جي منظوري ڏني، وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ ساڍا 11 سئو ارب رپيا مختص ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، جنهن ۾ 200 ارب رپيا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي تحت شامل آهن

 وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ 55 ارب رپين جي ايڪسٽرنل فنانسنگ به شامل هوندي، وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ 200 ارب رپيا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي تحت خرچ ڪرڻ جو منصوبو آهي،  اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي وفاقي توانائي بچت منصوبي تي به بريفنگ ڏني وئي قومي اقتصادي ڪائونسل سڄي ملڪ ۾ پهرين جولاءِ کان دڪان رات جو 8 وڳي بند جي به منظوري ڏني

 بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو  ته ساليانو هڪ هزار ارب تائين جي بچت لاءِ توانائي بچت منصوبو جوڙيو ويو آهي، جنهن ڪري ڪاروباري مرڪز رات جو 8 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

Leave A Comment