عورتن کي هڪڙي درخواست تي ڪاروبار لاءِ رقم ڏيندا آهيون: شاهينه

عورتن کي هڪڙي درخواست تي ڪاروبار لاءِ رقم ڏيندا آهيون: شاهينه

ڪراچي: عورتن جي ڀلائي واري صوبائي وزير شاهينا شير علي  چيو آهي ته اي ڊي پي ۾ جيڪي ضلعا ۽ ڊويزنون رهجي ويا آهن، اتي شڪايتي مرڪز ۽ عمارتون ٺاهيون وينديون. هن چيو ته حيدرآباد ۾ دارالامان ۽ سيف هائوس آهن، سرڪار عورتن کي محفوظ ڪرڻ لاء ڪم ڪري رهي آهي، ايم پي اي سجاد سومرو سوال ڪندي چيو ته ڇا عورتن کي تربيت جي مرڪزن تان روزگار ۽ آن لائن ڪورس جي ٽريننگ  ڏني ويندي آهي؟ ايم پي اي صابر قائمخاني چيو ته ڇا عورتن لاءِ نمائشون ۽ مينا بازار لڳايون  وينديون آهن؟ موٽ ۾ شاهينا شير علي چيو ته ڪراچي جي اوشين مال ۾ بيوٽيوشن جا ڪورس ڪرايا، سنڌ حڪومت عورتن جي سکيا لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ضلعن ۾ شڪايتي  سيل موجود آهن، جتي عورتن جي شڪايتن جو ازالو ٿئي ٿو. کين مفت  قانوني مدد ڏني ويندي آهي. ايم پي اي قرت العين سوال ڪيو ته عورتن کي جيڪڏهن ڪاروبار ڪرڻو هجي ته انهن لاءِ عورتن جي ترقي وارو کاتو ڪهڙو ڪردار ادا ڪري ٿو؟ جنهن تي صوبائي وزير شاهينا شير علي چيو ته اسان عورتن کي هڪڙي درخواست تي ڪاروبار ڪرڻ لاءِ رقم ڏيندا آهيون.