عورتون ئي عورتن جون دشمن آهن: هانيا عامر 

عورتون ئي عورتن جون دشمن آهن: هانيا عامر 

لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) ”ميري زندگي هي تو“ فيم سپر اسٽار هانيا عامر سوشل ميڊيا تي ڪامياب ۽ خوش عورتن خلاف وڌندڙ نفرت تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سماج ۾ عورتن کي بنا سبب تنقيد  جو منهن ڏسڻو پوي  ٿو. هڪ انٽرويو ۾ هانيا چيو ته ته لاڳيتو ناڪاري تبصرن ۽ تنقيد کيس ذهني طور ايڏو ٿڪائي وڌو هو جو هن ڪجهه وقت لاءِ سوشل ميڊيا کان وقفو ورتو هو. اداڪاره موجب آئون ڪجهه وقت تائين اهو سوچيندي رهيس ته غلطي سندس شخصيت يا انداز ۾ آهي پر پوءِ احساس ٿيو ته اصل مسئلو سماجي روين جو  آهي. هن چيو ته اسان وٽ خوش ۽ ڪامياب عورتن کي نشانو بڻايو ويندو آهي، اهو ناڪاري رويو رڳو مردن تائين محدود ناهي پر عورتون به هڪٻئي کي هيٺانهون ڏيکارڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ٿيون. هن چيو ته ”ماڻهو ڇا چوندا؟ “ واري سوچ هاڻي سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تائين منتقل ٿي چڪي آهي، جتي عورتن کي رنگ، جسماني بيهڪ ۽ ظاهري شڪل جي بنياد تي پرکيو وڃي ٿو.هانيا عامر عورتن کي اپيل ڪئي ته اهي هڪٻئي خلاف نفرت پکيڙڻ بدران گڏيل سهڪار کي هٿي ڏين.