عورتون رستن تي نڪري آيون

جُون 20, 2025

مورو (پنهنجي ڊيسڪ) مورو ويجھو ڳوٺ لغاري بجاراڻي جي رھواسي عورتن، نياڻين معصوم ٻارڙن پوليس پاران گھر، اوطاقون، دوڪان ڊاھڻ،  پکي ۽ جانور مارڻ، نياڻين جو ڏاج کڻڻ، بي گناهه ڳوٺاڻا کنڀڻ، ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو، ريلي ۾ شريڪ عورتن نياڻين معصوم ٻارڙن پاران نعري بازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي عورتن جو چوڻ ھو ته مسلسل پوليس گردي ڪري اسان جا گھر، اوطاقون، دوڪان ڊاھي پٽ ڪيا ويا آهن، پکي ۽ جانور ماري گهرن مان نياڻين جو ڏاج کڻي پوليس  بي گناهه ڳوٺاڻا کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسان  مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ھيوي مشينري سان ڳوٺ تي چڙهائيون  ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آهي

ڳوٺ جون عورتون اھڙي ظلم خلاف روڊ رستن تي نڪتيون آهن، پوليس گردي ۽ ظلم خلاف اسان ڀرپور آواز بلند ڪنديوسين ۽ اسان هاڻ ظلم مزاحمت جي شروعات جو اعلان ڪريون ٿا.

ھنن سمورن سياسي سماجي ڌرين، قومپرست پارٽين ۽ مذهبي اڳواڻن ۽ وڪيل برادريءَ جي اڳواڻن کي اپيل ڪئي آهي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي اسان ڳوٺ واسين کي انصاف تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • سکر جون 38 عمارتون زبون خطرناڪ قرار

  • جھڏو ۾ نصير ڇنڊڻ جي بحالي لاءِ آپريشن

  • دادو: ڍنڍ پار ڪندي پورهيت ڌيءُ سوڌوٻڏي فوت

  • وفاقي سرڪار پاران کنڊ جي درآمد لاءِ  ٽينڊر جاري