عورت آفيسر جي بدلي تان سماجي ڀلائي وزير ۽ سيڪريٽري ۾ اختلاف: ڪامورو عهدو وڃائي ويٺو

عورت آفيسر جي بدلي تان سماجي ڀلائي وزير ۽ سيڪريٽري ۾ اختلاف: ڪامورو عهدو وڃائي ويٺو

ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي سوشل ويلفيئر کاتي جي وزير ۽ سيڪريٽري ۾ اختلاف چوٽ چڙھي ويا. وزير جي سفارش تي سيڪريٽري  کي بدلي ڪري عورتن جي ترقي ۽ ڀلائي واري کاتي ۾ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان ڏس ۾ ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته سنڌ جي سماجي ڀلائي واري کاتي جي سيڪريٽري  آغا سھيل ۽ صوبائي وزير مير طارق ٽالپر وچ ۾ اختلاف وڌي وڃڻ بعد چيف سيڪريٽري  پاران سيڪريٽري  کي بدلي ڪري عورتن جي ترقي ۽ ڀلائي واري کاتي ۾ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ذريعن موجب کاتي جي سيڪريٽري ۽ وزير وچ ۾ اختلاف ھڪ عورت آفيسر کي ضلعي بدر ڪرڻ تان پيدا ٿيا. ذريعن دعوي ڪئي آھي ته کاتي جي ھڪ آفيسر کي ڪجهه ڏينهن اڳ سيڪريٽري ڪراچي مان بدلي ڪرڻ جو آرڊر جاري ڪيو ھو ته انھي عورت آفيسر پاران مير منور ٽالپر سان ملاقات ڪري کيس  ٻڌايو ويو ھو ته کاتي جو سيڪريٽري کيس مليل  سرڪاري گاڏي سندس حوالي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجھي رھيو آھي ۽ انڪار تي سيڪريٽري  کيس انتقامي ڪارروائي  ڪندي بدلي ڪيو آهي. ذريعن موجب عورت آفيسر جي اھڙي شڪايت بعد مير منور ٽالپر پاران سماجي ڀلائي واري کاتي جي وزير کي فون ڪري سيڪريٽري  خلاف رپورٽ  جو چيو ويو ھو. جنهن بعد صوبائي وزير چيف سيڪريٽري  سان رابطو ڪري سيڪريٽري  بدلي ڪرڻ جو چيو ويو ھو. ذريعن موجب  چيف سيڪريٽري  پاران صوبائي وزير کي چيو ويو ته ڄاڻايل سيڪريٽري  جي اھا پھرين پوسٽنگ آھي ۽ کيس رپورٽ  ڪرائڻ سان سندس ڪيريئر متاثر ٿيندو.  انھي ڪري بدلي ڪريون ٿا.ذريعن موجب آغا سھيل کي سوشل ويلفيئر کاتي مان ھٽائي عورتن جي ترقي ۽ ڀلائي واري کاتي ۾ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. اڄ نوٽيفڪيشن  جاري ٿيڻ جو امڪان آھي.