| عورت ايم اپي ايز جي ميڪ اپ تي تنقيد: خورشيدي معافي ورتي |
ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جي عورت ميمبرز جي مطالبي تي اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي معافي ورتي ، پيپلز پارٽي جي سعديه جاويد ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ چيو ته اپوزيشن ليڊر گذريل ڏينهن عورتن جي ميڪ اپ ڪرڻ بابت ريمارڪس ڏنا، اهڙن لفظن جي مذمت ڪريون ٿا، سميتا افضال چيو ته اپوزيشن ليڊر پاران افسوسناڪ لفظ استعمال ڪيا ويا، علي خورشيدي کي پنهنجي بيان تي معافي وٺڻ گهرجي، جنهن تي اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي چيو ته ايوان ۾ ويٺل سموريون عورتون منهنجون ڀينرون آهن، ڀاءُ جيڪڏهن ڀينرن کان معافي وٺي ته اُنهي ۾ ڪوبه مسئلو ناهي