اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان عدالت پاران طلب ڪرڻ باوجود پيش نه ٿيو
عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس جي اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي
عمران خان عدالت ۾ پيش نه ٿيو سندس جونيئر وڪيل مرزا عاصم بيگ پيش ٿي ٻڌايو ته سينئر وڪيل سلمان صفدر لاهور مان اچي دليل ڏيندو
جونيئر وڪيل چيو ته عمران جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل ڪرڻي آهي عدالت چيو ته ڇوٽ جي درخواست آئي ته ڏسنداسين
پراسيڪيوٽر چيو ته عدالت گذريل ٻڌڻي تي عمران جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا
عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست جي پراسيڪيوٽر مخالفت ڪري ڇڏي
عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪجهه وقت لاءِ ملتوي ڪري