عورت جج کي ڌمڪيون: عمران طلبي باوجود پيش نه ٿيو، عدالت پاران گرفتاري وارنٽ برقرار

مَي 25, 2023

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان طلبي باوجود پيش  نه ٿيو عدالت سندس گرفتاري وارنٽ برقرار رکيا آهن

عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس جي اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي

عمران خان عدالت ۾ پيش نه ٿيو سندس جونيئر وڪيل مرزا عاصم بيگ پيش ٿي ٻڌايو ته سينئر وڪيل سلمان صفدر لاهور مان اچي دليل ڏيندو

هي به پڙهندا

جونيئر وڪيل چيو ته عمران جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل ڪرڻي آهي عدالت چيو ته ڇوٽ جي درخواست آئي ته ڏسنداسين

پراسيڪيوٽر چيو ته عدالت گذريل ٻڌڻي تي عمران جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا

عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست جي پراسيڪيوٽر مخالفت ڪري ڇڏي

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪجهه وقت لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي بعد عدالت عورت جج کي ڌمڪين واري ڪيس ۾ عمران خان جا گرفتاري وارنٽ برقرار رکيا

جڊيشل مئجسٽريٽ ملڪ امان طرفان عمران خان جي گرفتاري وارنٽ جي تعميل جو حڪم ڏنو ويو

عدالت پاران عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪئي وئي

Leave A Comment