| عورت جو سوناري تي مرچ حملو، 25 سيڪنڊن ۾ 20 ٿڦون وهائي ڪڍيو |
احمد آباد(انٽريسٽنگ نيوز) گجرات جي احمد آباد شهر ۾ هڪ عورت سوناري دڪاندار کي لٽڻ جي ڪوشش ڪئي، دڪاندار فورن صورتحال کي سمجهي ڦورو عورت کي ٿڏي تي جواب ڏنو. عورت مرچ پاؤڊر سان دڪاندار تي حملو ڪيو، سوناري حاضر دماغي جو مظاهرو ڪندي ان عورت کي پڪڙي ٿڦڙون وهائي ڪڍيون، پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب احمد آباد ۾ هڪ عورت زيورن جي دڪان ۾ داخل ٿي، سندس منهن رئي ۾ ڍڪيل هو، هوءَ گراهڪ بڻجي دڪان ۾ سون چاندي جو سامان ڏسي رهي هئي. ان دوران هن اوچتو دڪاندار جي اکين ۾ مرچ پاؤڊر اڇلائي هنيو، جنهن جو مقصد دڪاندار کي متاثر ڪري کيس لٽڻ هو. دڪاندار حاضري دماغي استعمال ڪندي 25 سيڪنڊن ۾ چور عورت کي 20 چماٽون وهائي ڪڍيون بعد ۾ کيس دڪان مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، ايتري ۾ ماڻهو مڙي ويا، پوليس اچي وئي، پر دڪاندار واقعي تي ڪا شڪايت داخل ڪرائڻ کان انڪار ڪندي چيو ته ان معاملي ۾ قانوني ڪارروائي نٿو ڪرڻ چاهي. احمد آباد پوليس جو چوڻ آهي ته اسان دڪاندار سان ملاقات ڪري شڪايت داخل ڪرائڻ جي درخواست ڪئي هئي، پر دڪاندار انڪار ڪري ڇڏيو. پوليس دڪاندار جو تحريري بيان پڻ وٺي چڪي آهي، سي سي ٽي وي فوٽيج جي بنياد تي عورت جي سڃاڻپ لاءِ جاچ جاري آهي. فوٽيج کان پڻ مدد ورتي پئي وڃي. سوشل ميڊيا تي اهو بحث شروع ٿي ويو ته ڇا دڪاندار جو اهو ردعمل صحيح هو؟ عورت کي ان قسم جو تشدد ڇو ڪيو ويو؟ پوليس حوالي ڇو نه ڪيو ويو؟