عورت جو ڀوڳ: ڪنوار جي انٽري ٿي وئي خراب

عورت جو ڀوڳ: ڪنوار جي انٽري ٿي وئي خراب

لنڊن (انٽريسٽنگ نيوز) شادي ۾ سڀ کان يادگار لمحو  گهوٽ ڪنوار  جي هال ۾ انٽري جو هوندو آهي جڏهن هو گڏجي مهمانن جي سامهون داخل ٿين ٿا،  ان يادگار لمحي کي ڪيميره  ۾ محفوظ ڪيو وڃي ٿو،  سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو تيز رفتاري سان وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هڪ عورت جي حرڪت سبب ڪنوار جي انٽري خراب ٿي وئي، جنهن کي ماڻهن شديد تنقيد جو نشانو بڻائي ورتو، ڪنوار پنهنجي شادي ۾ پيش آيل هن انوکي واقعي جي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي. واقعو ڪجهه اهڙيءَ طرح پيش آيو ته شادي جي تقريب ۾ ڪنوار  پنهنجي والد سان گڏ هال ۾ داخل ٿي رهي هئي، سڀ مهمان ان کي ڏسي رهيا هئا، ان دوران عورت جي ان حرڪت سڀني کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو.  ڪنوار جي هال ۾ داخل ٿيڻ جو جذباتي منظر فلم بند ٿي رهيو هو  ڪنوار پنهنجي والد سان مهمانن سان ڀريل هال ۾ اچي ٿي،  ان دوران هڪ عورت پويان ڏاڪڻين  جي ريلنگ ذريعي ترڪندي هيٺ اچي ٿي، جنهن کي ڪيميره  ۾ محفوظ ڪيو ويو.  عورت جي ان حرڪت سبب سڀني مهمانن جو ڌيان ڪنوار کان هٽي ڪري ان طرف ٿي ويو، ان حوالي سان ڪنوار پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته “هن ڪم ته سٺو ڪيو آهي پر هي لمحو ڏسي ڪري مون کان به کل نڪري وئي.