| عورت جو 20 هزار فٽ تان هيليڪاپٽر جمپ، عالمي رڪارڊ قائم |
منسڪ (انٽريسٽنگ نيوز) بيلاروس سان تعلق رکندڙ عورت 20 هزار فٽ کان وڌيڪ بلندي تان هيليڪاپٽر جمپ لڳائي گنيز ورلڊ رڪارڊ جوڙي ورتو، اولگا نومووا نيپال جي علائقي سيانگ بوچي ۾ هيليڪاپٽر تان اسڪي سرفن جمپ لڳائي دنيا جو بلند ترين اسڪي سرف جمپ هڻڻ جو اعزاز ماڻيو هن 20 هزار 945 فٽ جي بلندي تان ٽپو ڏنو. جيڪو هڪ رڪارڊ آهي، گنيز ورلڊ رڪارڊ موجب اولگا نومورا ٽپي دوران 12 هزار 356 فٽ جي بلندي تائين پنهنجي اسڪي بورڊ تي مڪمل ڪنٽرول برقرار رکيو، جنهن کانپوءِ هن پيراشوٽ کولي حفاظت سان زمين تي لينڊنگ ڪئي. اولگا گذريل 15 سالن کان اسڪي سرفنگ سان لاڳاپيل آهي، گنيز ورلڊ رڪارڊ سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسڪي سرفنگ دريافت ڪرڻ کانپوءِ ئي ان جو خواب هو ته ڪو منفرد ۽ غيرمعمولي اسڪا ڊائيو انجام ڏي. رڪارڊ منهنجي لاءِ هڪ خواب جي تعمير آهي مستقبل ۾ به وڌيڪ چيليجنگ ڪارناما انجام ڏيڻ جي خواهش رکان ٿي.