عورت جي پنبڻين ۾ 250 جوئون ۽ 85 ليکون؟ ننڊ حرام

عورت جي پنبڻين ۾ 250 جوئون ۽ 85 ليکون؟ ننڊ حرام

ممبئي(انٽريسٽنگ نيوز) ڀارتي رياست گجرات ۾ هڪ اهڙو حيران ڪن طبي واقعو پيش آيو جنهن ڊاڪٽرن کي به حيران ڪري وڌو،  واقعو انڊيا جي اولهندي رياست گجرات جي امريلي ضلعي جي ساورڪندلا شهر جي اسپتال ۾ پيش آيو جتي 66 سالن جي  عورت گيتابين اکين ۾ شدت سان خارش ۽ سور جي شڪايت سان مقامي اسپتال آئي. ماهر ڊاڪٽر مرگانڪ پٽيل جي معائني دوران  ان جي پنبڻين ۾ 250 جيئريون جوئون ۽ 85 ليکون مليون. ڊاڪٽر مرگانڪ پٽيل موجب انهن جوئن کي ٻه ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت تائين “ميڪفرسن” نالي خاص اوزار ذريعي ٻاهر ڪڍيو ويو. ڇاڪاڻ جو اهي جوئون روشني لاءِ تمام حساس هيون، ان ڪري انھن کي ڪڍڻ ۾ انتهائي  احتياط ڪيو  ويو، اکين ۾ سور يا سڙڻ کان بچڻ لاءِ مسلسل ڊراپس وڌا ويا. ڊاڪٽر پٽيل جو چوڻ آهي ته انهن 21 سالن جي پروفيشنل ڪيريئر ۾ اهڙو ڪيس پهريون ڀيرو ڏٺو آهي. هن بيماري کي “Phthiriasis Palpebrarum” چيو  وڃي ٿو جيڪا عام طور تي گهٽ صفائي ، خراب هنڌ، وهاڻا، ڪمبل يا جانورن جي ويجهو رهڻ سبب ٿيندي آهي. ڊاڪٽرن مطابق، اهي جوئون پنبڻين ۾ شديد خارش، سور ۽ سوڄ  پيدا ڪري سگهن ٿيون،  ڪڏهن ڪڏهن اکين  ۾   چڀندڙ  مواد يا  سفيد ذرڙا به ظاهر ٿي وڃن ٿا، جيڪڏهن وقت سر  علاج نه ڪيو  وڃي ها ته انفڪيشن وڌي سگهي پيو، عورت جي علاج کانپوءِ ٻئي  ڏينهن ٻيهر معائنو ڪيو ويو ته ان جون اکيون مڪمل طور صاف مليون ۽ هوءَ  ڪيترن ئي هفتن کانپوءِ آرام سمهي سگهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هي ڪيس صفائي ۽ ذاتي احتياط جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو، ڇاڪاڻ جو معمولي خارش به ڪنهن غيرمعمولي طبي مسئلي جي علامت بڻجي سگهي ٿي.