عورت جي گهر جي در تي اچي فحش حرڪتون ڪندڙ گرفتار

عورت جي گهر جي در تي اچي فحش حرڪتون ڪندڙ گرفتار

لاهور (م ڊ) پوليس اڪبري گيٽ علائقي ۾ هڪ گهر جي دروازي تي هڪ عورت جي سامهون فحش حرڪتون ڪرڻ جي الزام ۾ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اڪبري گيٽ پوليس اسٽيشن جوابدار مقصود کي گرفتار ڪيو، جنهن عورت کي تنگ ڪيو هو. جوابدار تي گهر جي دروازي تي بيهي فحش حرڪتون ڪرڻ ۽ عورت کي ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام آهي. جوابدار خلاف هر روز دروازي جي سامهون فحش حرڪتون ڪرڻ ۽ عورت کي ڌمڪيون ڏيڻ جي شڪايت هئي، جنهن تي پوليس ڪيس داخل ڪيو. ڊي آءِ جي آپريشنز جي ترجمان چيو ته جوابدار کي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ جاچ ونگ جي حوالي ڪيو ويو آهي، عورتن کي هراسان ڪندڙ عنصرن خلاف بنا فرق ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته عورتن جي عزت، سلامتي ۽ وقار تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو.