عورت سميت 7 نوان چهرا آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي ۾ پهچي ويا

عورت سميت 7 نوان چهرا آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي ۾ پهچي ويا

اسلام آباد: آزاد ڪشمير چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ عورت سميت 7 نوان چهرا قانونساز اسيمبلي پهچي ويا. مظفر آباد ڊويزن مان 2 جڏهن ته پناهگيرن جي سيٽن مان 5 نوان اميدوار پهريون ڀيرو قانونساز اسيمبلي جا نوان ميمبر چونڊجي ويا آهن. اين اي 29 مظفرآباد سٽي مان پيپلز پارٽي جو سردار مختيار احمد پهريون ڀيرو قانونساز اسيمبلي پهچي ويو. سردار مختيار احمد اڳوڻي حڪومت واري وزير بيرسٽر افتخار گيلاني کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي. ايل اي 31 کهاوڙه کان مسلم ليگ(ن) جي راجا ثاقب مجيد ۽ ايل اي 36 جمون 3 مان مسلم ليگ(ن) جي محمد احسن رضا پهريون ڀيرو اسيمبلي پهچي ويا. ايل اي 37 جمون 4 تان مسلم ليگ(ن) جي مريم جاويد پهريون ڀيرو قانونساز اسيمبلي جي ميمبر چونڊجي وئي. ايل اي 38 جمون 5 کان مسلم ليگ(ن) جي چوڌري ذيشان علي، ايل اي 41 ڪشمير ويلي 2 مان مسلم ليگ(ن) جو محمد عامر شاهه ۽ ايل ايل 43 ڪشمير ويلي 4 مان مسلم ليگ(ن) جو محمد ياسين لون پهريون ڀيرو قانونساز اسيمبلي پهچي ويو. چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ به 5 نوان چهرا قانونساز اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي ويا هئا. ٻئي مرحلي کان پوءِ گڏيل طور تي 12 نوان چهرا آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جو حصو بڻجي ويا.