| عورت غلطي سان پاڻي بدران تيزاب ۾ کاڌو پچائي ڇڏيو |
نئين دهلي (انٽريسٽنگ نيوز) عورت غلطي سان پاڻي بدران تيزاب ۾ کاڌو پچائي ڇڏيو ، 6 ڀاتي بيهوش ٿيڻ بعد اسپتال داخل ڪيا ويا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارت جي رياست اولهه بنگال جي علائقي مدني پور ۾ انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي. علائقي ۾ هڪ عورت اڻ ڄاڻائي ۾ پاڻي جي جاءِ تي تيزاب استعمال ڪيو ۽ ان سان ڀاتين لاءِ کاڌو تيار ڪيو. جيڪو تيزاب سبب زهريلو بڻجي ويو ۽ اهو زهريلوکاڌو کائڻ سبب عورت سميت 6 ڀاتين جي حالت انتهائي خراب ٿي وئي جنهن سبب کين بيهوشي واري حالت ۾ اسپتال پهچايو ويو، جٿي سندن علاج هلندڙ آهي ٻئي طرف واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي جاچ شروع ڪري ڏني آهي. شروعاتي جاچ رپورٽ ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته گهر اندر چاندي ۽ تانبي جو ڪم ٿيندو آهي جنهن سبب گهر ۾ تيزاب رکيو ويو هو. پوليس موجب هڪ شخص جي لاپرواهي جي سزا گهر جي سمورن ڀاتين کي ملي آهي.