عورت هڪ ٻه نه 55 ٽي شرٽون پائي ڊوڙندي رهي

عورت هڪ ٻه نه 55 ٽي شرٽون پائي ڊوڙندي رهي

واشنگٽن (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ هڪ رانديگرياڻي 55 ٽي شرٽس پائي هاف ميراٿن ۾ حصو ورتو ۽ گنيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪيو. آرڪنساس جي ميريڊٿ سمٿ 30 مارچ 2025 تي فورٽ سمٿ هاف ميراٿن ۾ حصو ورتو ان لاءِ هن 55 ٽي شرٽون پاتيون ۽ هاڻي گنيز ورلڊ ريڪارڊ پاران عورتن جي ڪيٽيگري ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽي شرٽون پائي هاف ميراٿن ڊوڙڻ جو رڪارڊ قائم ڪرڻ جو اعلزاز کيس ڏنو ويو آهي. ميريڊٿ 3 ڪلاڪ 30 منٽن ۾ ميراٿن مڪمل ڪئي. گنيز ورلڊ ريڪارڊ وارن سان ڳالهائيندي هن چيو ته هي رڪارڊ مون لاءِ تمام خاص آهي. جڏهن مون 2013 ۾ وزن گهٽائڻ لاءِ ڊوڙڻ شروع ڪيو ته ڪڏهن به نه سوچيو هو ته اهو ممڪن ٿيندو.