| عورت وزيراعليٰ بڻجي مردن کي ٽف ٽائيم ڏئي سگهي ٿي، مريم نواز |
ڪوئيٽا (م ڊ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته عورت وزيراعليٰ بڻجي مردن کي ٽف ٽائيم ڏئي سگهي ٿي، دهشتگردن جا حامي سياسي لباس ۾ موجود رهندا ته جوان شهيد ٿيندا رهندا، ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته دهشتگرد دشمن ۽ ڪجهه وري چون ٿا ته ڀائر آهن، کين حق نه ٿو ڏنو وڃي تڏهن رياست خلاف آهن، اهڙي سوچ دشمن جو بيانيو آهي، اسان کي قوم طور سخت فيصلا ڪرڻا پوندا، و ايف سي هيڊ ڪوارٽرز بلوچستان ۾ خطاب ڪندي مريم نواز وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ دهشتگردن کي آڻي آباد ڪيو ويو، وقت اچي ويو آهي ته ڪاري کي ڪارو ۽ اڇي کي اڇو چيو وڃي، مريم نواز ايف سي لاءِ 10 ارب رپين جي مدد جو اعلان ڪندي چيو ته بلوچستان اڪيلو ناهي، سڀ گڏ آهيون، بلوچستان ۾ امن امان ۽ استحڪام سڄي پاڪستان جي ترجيح آهي.