عورت کان موبائل فون کسيندڙ ڪرڪيٽر کي 3 سال ٽيپ

عورت کان موبائل فون کسيندڙ ڪرڪيٽر کي 3 سال ٽيپ

پورٽ موريسبي(انٽريسٽنگ نيوز) پاپوا نيو گني جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر ڪپلن ڊوريگا کي عورت کي هراسان ڪرڻ ۽ موبائيل فون ڦرڻ جي ڏوهه ۾ ٽي سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.رپورٽ موجب، ڪپلن ڊوريگا 25 آگسٽ جي رات اٽڪل اڍائي وڳي هوٽل واپسي تي سينٽ هيليئر ۾ هيلري اسٽريٽ تي هڪ عورت کي ڏٺو ۽ اوچتو مٿس حملو ڪري کائنس موبائيل فون ڦري ورتي.پوليس عورت کي فوري طور بچائي ورتو، جڏهن ته متاثر عورت پوليس کي ٻڌايو ته ڪنهن کيس مُڪ هڻي بيهوش ڪيو ۽ سندس موبائيل ڦري فرار ٿي ويو. واقعي کان ستت پوءِ ڪرڪيٽر کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ٻئي ڏينهن سندس خلاف ڦر جي الزام هيٺ باظابطا ڪيس داخل ڪيو ويو.ان کانپوءِ جوابدار کي ڦر جي الزام ۾ چارج ڪيو ويو ۽ هو 27 آگسٽ تي جرسي جي مئجسٽريٽ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، جتي هن پنهنجو ڏوهه قبوليو. عدالتي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ رائل ڪورٽ آف جرسي سندس ضمانت جي درخواست رد ڪندي کيس ٽي سال قيد جي سزا ٻڌائي.