عورت کي ‘عزت’ بدران انسان سمجھو
مَي 19, 2023
سنڌ ۾ ڪارو ڪاريءَ جي روايت ڪڏهن ۽ ڪيئن پئي، اھا ته خبر ناھي پر مونکي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪارنھن الزام ھيٺ ھڪ ٻٽي قتل جو واقعو اڄ به ايئن ياد آھي، جيئن ڪجهه گھڙيون اڳ جي ڳالهه ھجي. تقريڀن 40 سال اڳ جي ڳالهه آھي، جڏهن اسانجي ڳوٺ سيتا ننڍي ۾ اسان جي پاڙيسري حب علي عرف حبلي کي سندس ڀاءَ ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندي قتل ڪيو ھو. اسين ننڍڙا ھئاسين.
دنيا جي دقيانوسي معاملن کان تمام گھڻو پري ۽ پنهنجي دنيا ۾ مست ھوندا ھئاسين ته صبح جو خبر پئي ته حبلي کي سندس ڀاءَ ٻنيءَ ۾ قتل ڪيو آهي.
ان کان اڳ ھن جي ڀاءَ پنهنجي زال کي گھر ۾ قتل ڪيو ۽ پوءِ ٻنيءَ تي پھچي حبلي کي قتل ڪيو. ڳوٺ ۾ اھا ڳالهه باھ جيان پکڙچي وئي ته حبلي کي سندس ڀاڄائيءَ سان ڪارنھن جي الزام ۾ قتل ڪيو ويو آهي. ٻاروتڻ جي ڏينهن جي واقعن ۽ يادگيرين ۾ ھي ھڪ خوفناڪ واقعو آھي، جنهن سڄي ڳوٺ ۾ خوف ۽ دھشت پکيڙي ھئي ۽ انھيءَ کانپوءِ اڄ اسانجو اولاد به ماشاء الله جوان آھي
پر اسين اڄ به انھيءَ دقيانوسي سوچ تحت ٿيندڙ ڪارو ڪاريءَ جي واقعن بابت پريشان آھيون. انھيءَ عذاب مان نجات حاصل ناھيون ڪري سگھيا. ھن الزام تحت عورتن کان نه رڳو زندگي کسي وڃي ٿي پر حياتيءَ کان محروم ڪرڻ وقت به مٿس تھمت مڙھي وڃي ٿي ۽ مرڻ کانپوءِ به ماڻهو کيس بدڪردار جھڙن لفظن سان ياد ڪن ٿا. اھڙي ڀيانڪ عمل بابت سوچيندي ئي جسم جا وار ڪانڊارجي ٿا وڃن.
اھڙي سماجي بي حسي جو بنياد تڏهن پيو، جڏهن عورت کي انسان بدران ‘عزت’ سمجھيو ويو. جڏهن عورت کي عزت سان ڀيٽيو ويو ته پوءِ انھيءَ تي انا، ضد ۽ نام نھاد غيرت جو جواز بڻائي رتوڇاڻ عام ڪئي وئي. ساڳي وقت جيڪڏهن ڪنهن به ذات برادريءَ جو ڪو مرد ڪھڙي به غليظ ترين برائيءَ ۾ ملوث ھجي پر انھيءَ کي پناھ ملي ويندي. گھر ڀاتين کان وٺي سماج جا سمورا ماڻهو کيس قبول ڪري ٿا وٺن.
عورت جيڪڏھن چاھت جي چڪر ۾ ڪو قدم کڻي وٺي ٿي ته ڄڻ قيامت ڪڙڪي پوي ٿي. اھڙو ئي تازو ھڪ واقعو سيوھڻ ۾ پيش آيو آھي، جنهن ۾ جوابدار پاران مبينا طور پنهنجي ڀيڻ کي قتل ڪيو آهي. سوشل ميڊيا توڙي اخبارن ۽ ٽي وي چئنلز ذريعي مليل ڄاڻ موجب، 26 سالن جي نورين مھر 2 سال اڳ منصور سومري سان ڪورٽ ۾ وڃي پيار جو پرڻو ڪيو.
يقينن اسان جي ڇوڪرين کي اھو احساس ڪرڻ گھرجي ته انھن جي جنم ۽ پرورش ۾ سندن والدين جو ڪيترو ڪردار هوندو آهي. اھي ئي والدين جڏھن اولاد خاطر راتيون جاڳي پگھر وھائي پورھيو ڪري سندن پرورش ڪن ٿا ته والدين يقينن اولاد سان نفرت نه ڪندا ھوندا. موٽ ۾ اولاد به پيار ڪندو ھوندو، پر مان سمجھان ٿي ته مجبور ٿي ھن پڙھيل لکيل ڇوڪريءَ عدالت ۾ وڃي شادي ڪئي ھوندي،
نه ته ڪھڙي ڇوڪري چاھيندي ته سندس شاديءَ جي خوشين ۾ والدين جون دعائون شامل نه هجن! جڏهن ھن محسوس ڪيو ھوندو ته سندس چاھت ۽ چونڊ والدين کي قبول ناھي، تڏهن ئي ھن عدالت وارو رستو اختيار ڪيو ۽ پوءِ نيٺ مبينا طور مائٽن ھٿان مارجي وئي. پھرين انھيءَ ناري جي مڙس پاران الزام لڳايا ويا ۽ پوءِ وري انھيءَ مارجي ويل ناريءَ جي والد ۽ ڀاءَ جي وڊيو ڏٺي،
جن ۾ انھن پاران ناريءَ جي مڙس تي تشدد ۽ بليڪ ميلنگ جا الزام لڳايا پئي ويا، پر جڏهن مان ڪالھ پوليس آفيسر جي پريس ڪانفرنس ڏٺي ته ھن آفيسر اھا دعويٰ ڪئي آھي ته ناريءَ کي سندس گھر ڀاتين قتل ڪيو آھي. واقعي جي اڃان جاچ ٿيڻ گھرجي ۽ حقيقتون سامھون اچڻ گھرجن،
پر جيڪڏهن عورت کي ‘عزت’ سمجھيو وڃي ٿو ته پوءِ انھيءَ جي چاھت ۽ چونڊ کي قبول ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ عورت مرضيءَ جي شادي ڪري ته گناھ ٿي وڃي ٿو پر اسان وٽ اڄ به 80 سيڪڙو اھڙيون شاديون ٿين ٿيون، جن ۾ نڪاح جي وقت ڇوڪريءَ کان مڙس بابت پڇڻ لاءِ ايندڙن جي آڏو اتي موجود ڪنوار جون عزيز عورتون کيس ڪنڌ ۾ جھلي ڪنڌ ھاڪار ۾ لوڏين ٿيون
پر اھا شادي ڪندڙ ڇوڪري ھا يا نه ۾ به جواب ناھي ڏيندي. انھيءَ سماج ۾ ڪا ڇوڪري مرضيءَ جي شادي ڪري ته ان کي قتل ڪيو وڃي ٿو ۽ وري انھيءَ تي تبصرا ڪندڙ چوندا آھن ته عورت ‘عزت’ آھي. جڏهن والدين جي عزت نه رھي ته پوءِ انھيءَ کي قتل ڪرڻ عزت ۽ غيرت واري ماڻهو جو ڪم آھي!
ھيءَ ڪا ھڪڙي ڇوڪري ناھي، اھڙيون ھزارين عورتون قتل ٿيون آھن ۽ اھو سلسلو جاري آھي. انھيءَ کي روڪڻ لاءِ سرڪاري سطح تي ڪا به حڪمت عملي ھن وقت نظر نٿي اچي. انھيءَ ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته سڀ کان پھرين ڪنهن به عورت جي قتل ڪرڻ جي خبر ميڊيا تي ھلي ته ان ۾ ڪارنھن لفظ لکڻ تي يا استعمال ڪرڻ تي مڪمل پابندي لڳائي وڃي.
ڪارنھن جي الزام ھيٺ قتل ۾ دھشتگردي جا قلم ضرور شامل ٿيڻ گھرجن ۽ جنهن ڳوٺ، علائقي ۾ اھڙا واقعا پيش اچن، اتي انساني حقن واري ڪميشن سميت انساني حقن لاءِ جاکوڙنيدڙ سموريون ڌريون گڏجي وڃي وقت ڪڍي آگاھي مھم ھلائين.
ڀارت ۾ ڪنھن زماني ۾ مڙس جي مري وڃڻ جي صورت ۾ عورت پاڻ کي باھ جي مچ ۾ اڇلائي ستي چڙھندي ھئي. انھيءَ رسم کي ڀارتي حڪومتن مڪمل طور ختم ڪري ڇڏيو آھي پر اسان وٽ اڃان تائين پنهنجي گھر جي عورتن کي قتل ڪندڙ ماڻهو سماج جا معتبر ۽ غيرتمند ماڻهو سڏرائڻ جي چڪر ۾ لڳا پيا آھن،
خدارا عورت کي جيڪڏهن ‘عزت’ سمجهو ٿا ته سندس اھميت ۽ عزت کي اجاگر ڪري انھيءَ جي مرضيءَ کي اھميت ڏيو. ٻي صورت ۾ نام نھاد عزت ۽ غيرت جي نالي تي عورتن جو قتل بند ڪري، کين ‘عزت’ بدران رڳو انسان ئي سمجھيو وڃي.