عورت ۽ ٻارن جي اغوا تي قانون بي وس آهي، ڏسڻ باوجود ڪجهه نٿا ڪري سگهون: جسٽس محسن ڪياني

عورت ۽ ٻارن جي اغوا تي قانون بي وس آهي، ڏسڻ باوجود ڪجهه نٿا ڪري سگهون: جسٽس محسن ڪياني

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي سي اي او مشرف رسول جي شهري وقاص احمد ۽ سهيل عليم سان ڏيتي ليتي جي تڪرار بابت داخل ڪيس خارج ڪرڻ واري درخواست تي ڊي آءِ جي انوسٽيگيشن کي عدالت ايندڙ ٻڌڻيءَ تي طلب ڪري ورتو. عدالت ريمارڪس ڏنا ته هڪ عورت ۽ ننڍڙين ٻارڙين کي حراست ۾ ورتو ويو، ٽن ورهين جي نياڻي کي ڇهه ڏينهن تائين ماءُ کان الڳ رکيو ويو. هي معاملو پنجاب جي وزير اعلي ۽ ڊي آءِ جي ڏانهن به موڪليو. آئيني عدالت سپريم ڪورٽ، پوليس، ايف آءِ اي ۽ مجسٽريٽ وٽ معاملو ٻڌڻي هيٺ هئڻ باوجود به ڪجهه نه ٿيو، ته پوءِ اسان هتي ڇو ويٺا آهيون، جيڪڏهن عدالت مضبوط هجي ها ته ائين نه ٿئي ها۔ وقاص احمد ۽ سهيل عليم خلاف داخل ڪيس خارج ڪرڻ جي درخواست تي جسٽس محسن اختر ڪياني ٻڌڻي ڪئي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڊي آءِ جي انوسٽيگيشن اچي ٻڌائي ته ڇا لاهور پوليس جو بيان قلم بند ڪيو ويو آهي، جن عورت جي گهر لاهور ۾ ڇاپو هنيو، ڇا انهن وٽ سرچ وارنٽ موجود هئا، عورت ۽ نياڻين کي ڇو حراست ۾ ورتو ويو. وڪيل لطيف کوسا ٻڌايو ته مشرف رسول ايترو پاور فل آهي جو گذريل ٻڌڻي تي به هِتي موجود هو. هن عدالت ۾ مشرف رسول ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان جي گڏيل ملاقات جي تصوير به پيش ڪئي. 20 نومبر جي تصوير ۾ هو جوڊيشل ريفارمز جي ميٽنگ ۾ ويٺو هو۔ عدالت مشرف رسول جي وڪيل کي چيو ته سپريم ڪورٽ هن عدالت جو آڪٽوبر ۾ ڏنل آرڊر معطل ڪيو هو، تنهن کان پوءِ جيڪو آرڊر جاري ٿيو هو، اهو اڃا تائين فيلڊ ۾ آهي. توهان هن عدالت کي ڪم کان روڪي نٿا سگهو. اسان جيڪو آرڊر ڪنداسين، توهان اهو آئيني عدالت ۾ کڻي وڃو،  صرف واقعي جي حقيقت ڄاڻڻ چاهيان ٿو ته هڪ عورت ۽ اُن جي نياڻين سان ڇا ٿيو۔ جيڪڏهن سرچ وارنٽ کان سواءِ ڪنهن کي کنيو ويو آهي ته اهو اغوا تصور ٿيندو۔ هتي پوليس مقابلو به ٿيو۔ عورت ۽ ٻارن جي اغوا تي قانون جي بي وسي شرم جو مقام آهي۔ اسان سڀ ڏسي رهيا آهيون، پر ڪجهه ڪري نٿا سگهون۔ عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڊي آءِ جي کي طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 9 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.