عيدالفطر 21 مارچ ۽ عيدالاضحيٰ 27 مئي تي ٿيڻ جي اڳڪٿي

عيدالفطر 21 مارچ ۽ عيدالاضحيٰ 27 مئي تي ٿيڻ جي اڳڪٿي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ماهر فلڪيات سائنسي بنيادن تي رمضان المبارڪ، عيدالفطر ۽ عيدالاضحيٰ جي امڪاني تاريخن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. ماهر فلڪيات پروفيسر ڊاڪٽر فهيم هاشمي مطابق  پاڪستان ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ 18 فيبروري تي نظر اچڻ جو امڪان آهي. ماهر فلڪيات ڊاڪٽر فهيم هاشمي طرفان پهرين رمضان 19 فيبروري ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. شوال جو چنڊ 20 مارچ تي نظر اچڻ جو امڪان آهي. ماهر فلڪيات پروفيسر ڊاڪٽر فهيم هاشمي مطابق عيدالفطر 21 مارچ تي ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ذوالحج جي شروعات 17 مئي کان ٿيڻ جو امڪان آهي. ماهر فلڪيات سائنسي بنيادن تي عيدالاضحیٰ 27 مئي تي ٿيڻ جي به اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.