عيد تي به ڪشمور ضلعو ڌاڙيلن جي ور چڙهيل: نينگر سميت 2 ڄڻا اغوا

جُولاءِ 1, 2023

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: لياقت کوسو) عيد جي موقعي تي به ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ ڌاڙيلن جون ڪارروايون بند نه ٿيون هڪ نينگر سميت وڌيڪ 2 ڄڻا اغوا ڪيا ويا

 ڪنڌڪوٽ مان 2 هٿياربند عبدالحميد نالي شخص جي 8 ورهين جي معصوم پٽ صداقت کي اغوا ڪري ويا،  اطلاع تي وارثن پوليس وٺ پهچي ايف آءِ آر داخل ڪرائي

مغوي نينگر جي والد عبدالحميد روئندي چيو ته پوليس پاڻ هٿ وٺي ڏوهه ڪرائي رهي آهي، معصوم پٽ اغوا ٿيڻ تي عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون آهن

هن آءِ جي سنڌ سميت اختيارين کي اپيل ڪئي ته سندس معصوم پٽ کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي

ٻئي طرف بخشاپور ويجهو کاهي شهر مان به هٿياربند ڪلينڪ تي ويٺل نوجوان غلام حيدر کوسو کي اغوا ڪري ويا آهن

 علائقي واسين موجب ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار هٿياربند ڪلينڪ تي ويٺل نوجوان غلام حيدر کوسو کي اغوا ڪري ويا، پوليس ۽ ڳوٺاڻا هٿياربندن جي پيرا کڻي ڪچي روانا ٿيا پر نوجوان جي بازيابي عمل ۾ نه اچي سگهي

Leave A Comment