| عيد تي واڌو ڀاڙو وٺندڙ ٽرانسپورٽرن مٿان 45 لک رپيا ڏنڊ |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي ٽرانسپورٽ کاتي جي ملازمن ۽ آفيسرن جون موڪلون رد ڪيون ويون. ان حوالي سان ٽرانسپورٽ کاتي جي اختيارين پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ته سمورا آفيسر ۽ ملازم عيد ڏينهن ڊيوٽي تي موجود رهندا. ٽرانسپورٽ کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ 3 هزار کان وڌيڪ گاڏين جي چڪاس ڪئي وئي، چيڪنگ دوران واڌو ڀاڙو وٺندڙ ٽرانسپورٽرن کان مجموعي طور تي هڪ ڪروڙ 40 لک رپيا رقم اوڳاڙي مسافرن کي واپس ڪرائي وئي آهي. جڏهن ته خلاف ورزي ڪندڙ ٽرانسپورٽرن مٿان مجموعي طور تي 45 لک رپيا ڏنڊ پڻ لڳايو ويو آهي.