حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) عيد پنهنجن پيارن سان ملهائڻ لاءِ حيدرآباد کان اباڻن ڪکن ڏانهن واپسي وارو سلسلو جاري، ٽرانسپورٽرز پاڻمرادو ڀاڙا وڌائي مسافرن کي ڦرڻ لڳا
بدين اسٽاپ، هالاناڪو، گدو چوڪ، باءِ پاس ۽ ٻين علائقن مان نوابشاهه، بدين، ٺٽو، مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ ٻين ضلعن ڏانهن ويندڙ مسافر اضافي ڀاڙو ڀرڻ سبب پريشان آهن
عيد جي موقعي تي ٽرانسپورٽرز ڀاڙن ۾ 30 سيڪڙو تائين پاڻمرادو اضافو ڪري ڇڏيو آهي، مسافرن جو چوڻ آهي ته بسن، ڪوچز ۽ وينن وارا عيد جو جواز ڄاڻائي مڙني علائقن ڏانهن ويندڙ مسافرن کان اضافو ڪرايو وصول پيا ڪن
مسافرن مطالبو ڪيو ته آر ٽي اي ۽ موٽروي پوليس جا عملدار معاملي جو نوٽيس وٺن جيئن مقرر ڀاڙو ادا ڪري ڳوٺ پهچي سگهون
قومي شاهراهه تي موٽروي پوليس پاران ٽرانسپورٽرز خلاف ڪارواين جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، موٽروي پوليس جو چوڻ آهي ته عيد تي اباڻن ڳوٺن ۽ شهرن ڏانهن ويندڙ مسافرن کان ورتل اضافي ڀاڙو ٽرانسپورٽرز کان واپس ڪرايو آهي
موٽروي پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته اوورلوڊ گاڏين خلاف ڪاروائي ڪري ڏنڊ وصول ڪيا آهن جڏهن ته مسافرن کان اضافي ڀاڙو وصول ڪندڙ ۽ روٽ پرمٽ نه رکندڙ مسافر ڪوچز، وينن ۽ ٻي ٽرانسپورٽ هلائيندڙ مالڪن ۽ ڊرائيورن کان ڏنڊ به وصول ڪيو پيو وڃي