عيد جون تياريون ۽ اجتماع: فول پروف سيڪيورٽي قدمن جي ضرورت

ابتريء جي تحت الثري` تائين پھتل ملڪي امن امان جي صورتحال انتظامي وائڙائپ، بدحواسي، ادارن جي وچ ۾ رابطي ڪاريءَ جي اڻاٺ جي شاھدي ڏيندي رهي آهي. دھشتگردي جي وارداتن ۾ واڌ هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪي سطح تي سنجيده بحث جو موضوع بڻجي چڪي آهي. ڪجھ تازن واقعن واضح ڪيو آهي ته دهشتگردي جا نيٽ ورڪ مڪمل طور تي ختم نه ٿيا آهن، بلڪه اهي نئين حڪمت عملين سان ٻيهر سرگرم ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اهڙي پس منظر ۾ رياست لاءِ سڀ کان وڏو امتحان اهو آهي ته اھا پنهنجي شهرين کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪهڙي حد تائين تيز، مربوط ۽ اثرائتي قدم کڻي. سنڌ، جيڪا ماضي ۾ نسبتاً پرامن صوبي طور سڃاتي ويندي رهي آهي، هاڻي غير يقيني صورتحال جي پاڇي ۾ اچي رهي آهي. عوامي خدشا اهو ظاهر ڪن ٿا ته امن ۽ آشتيءَ جون بدخواهه قوتون صوبي جي روايتي هم آهنگيءَ کي نشانو بڻائي سگھن ٿيون. اهڙيون قوتون رڳو جاني نقصان تائين محدود نه هونديون آهن، پر سندن اصل مقصد سماجي ڍانچي کي ٽوڙڻ، مذهبي، فرقيواراڻي ۽ لساني بنيادن تي ورهاست پيدا ڪرڻ، ۽ عوامي اعتماد کي متزلزل ڪرڻ هوندو آهي. موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي، عيد واري مذھبي ڏڻ تي فول پروف سيڪيورٽي جي اھميت ۽ ضرورت ويتر وڌي وڃي ٿي.

سڀاڻي عيدالفطر جو ڏڻ آهي ۽ عيد جي خريداري جو اڄ آخري ڏينهن آھي. اڄ سڄي صوبي ۾ خريداري مرڪزن، بازارن ۽ تجارتي علائقن ۾ غير معمولي رش ھوندي. ماڻهو عيد جي تيارين ۾ مصروف آهن، جڏهن ته سڀاڻي عيد نماز جا وڏا اجتماع ٿيندا، جتي هزارين وڏي تعداد ۾ ماڻهو گڏ ٿيندا. اهڙيون گڏجاڻيون، جيتوڻيڪ مذهبي ۽ ثقافتي لحاظ کان انتهائي اهم آهن، سيڪيورٽي جي نقطه نظر کان بہ انتهائي حساس نوعيت جي قدمن جون گھرجائو پڻ آهن. اهڙي صورتحال ۾ تر جي گٿي سئو چوٽون کائي سگھي ٿي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت، پوليس، رينجرز ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن وچ ۾ مڪمل هم آهنگي هجي ۽ سيڪيورٽي پلاننگ کي صرف رسمي ڪارروائي نه، پر عملي طور تي فول پروف بڻايو وڃي. اهم بازارن، شاپنگ مالز، بس اڏن، ريلوي اسٽيشنن ۽ عيدگاهن تي گهڻن پرتن وارو سيڪيورٽي نظام لاڳو ڪرڻ لازمي آهي. داخلا ۽ ايگزٽ هنڌن تي چيڪنگ، واڪ ٿرو گيٽس، ميٽل ڊيٽيڪٽرز، سي سي ٽي وي نگراني، ۽ فوري ردعمل ڏيندڙ ٽيمون هر هنڌ فعال هجڻ گهرجن. ان کان علاوه، انٽيليجنس شيئرنگ ۽ اڳواٽ ڪارروائين کي مرڪزي حيثيت ڏيڻ جي ضرورت آهي. دهشتگردي جي خطرن کي رڳو ظاهري سيڪيورٽي سان منهن نٿو ڏئي سگهجي، پر ان لاءِ ڳجهي ڄاڻ، نيٽ ورڪ جي نشاندهي ۽ بروقت ڪارروائي ضروري آهي. وفاقي ۽ صوبائي ادارن وچ ۾ معلومات جي ڏي وٺ ۽ گڏيل آپريشنز کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ وقت جي اهم تقاضا آهي. ٻئي طرف، عوامي سطح تي به ذميواري جو احساس وڌائڻ ضروري آهي. شهرين کي گهرجي ته هو پنهنجي چوڌاري ٿيندڙ سرگرمين تي نظر رکن، ڪنهن به مشڪوڪ حرڪت جي صورت ۾ فوراً اطلاع ڏين، ۽ سيڪيورٽي هدايتن تي عمل ڪن. افواهن ۽ غير تصديق ٿيل خبرن جي ڦهلاءَ کان پاسو ڪرڻ پڻ انتهائي اهم آهي، ڇو ته اهڙيون خبرون خوف، افراتفري ۽ انتشار کي وڌائين ٿيون.

سنڌ جي سڃاڻپ صوفياڻين روايتن، سھپ ۽ ڀائيچاري سان جڙيل آهي. اهڙي ورثي کي بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته سماج جا سڀئي طبقا گڏجي بيهن. مذهبي اڳواڻ، سماجي تنظيمون ۽ شهري سماج جا ادارا ماڻهن ۾ اتحاد ۽ امن جو پيغام عام ڪن، جيئن ڪنهن به قسم جي ورهاست کي جڙت کان اڳ ئي روڪي سگهجي. موجوده حالتن ۾ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته سيڪيورٽي کي عارضي قدم نه، پر مستقل حڪمت عملي جو حصو بڻايو وڃي. عيد جهڙي اھم موقعي تي فول پروف انتظام رڳو هڪ ڏينهن جي ضرورت ناهي، پر اهو هڪ وسيع سوچ جو اظهار هجڻ گهرجي، جتي هر شهري پاڻ کي محفوظ محسوس ڪري. جيڪڏهن رياست ۽ سماج گڏجي سنجيدگي سان قدم کڻن، ته نه رڳو موجوده خطرن کي روڪي سگهجي ٿو، پر مستقبل ۾ به اهڙين سازشن کي ناڪام بڻائڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو. امن، استحڪام ۽ عوامي اعتماد جي بحالي لاءِ فيصلائتا قدم کڻڻ جو وقت آهي.