عيد خريداري لاءِ 2026ع بدترين ثابت: ڪراچي ۾40 سيڪڙو گهٽ خريداري ٿي: تاجر اتحاد  

عيد خريداري لاءِ 2026ع بدترين ثابت: ڪراچي ۾40 سيڪڙو گهٽ خريداري ٿي: تاجر اتحاد  

ڪراچي (رپورٽ: الطاف چنا) آل ڪراچي تاجر اتحاد جي چيئرمين عتيق مير چيو آهي ته   عيد خريداري جي حوالي سان 2026ع بدترين سال ثابت ٿيو آهي. عيد کان اڳ مارڪيٽن ۾ سامان جي قيمتن ۾ 60 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته خريداري گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 40 سيڪڙو گهٽ رهي. هن دعويٰ ڪئي ته عيد تي وڪري لاءِ گدامن ۾ ذخيرو ڪيل 70 سيڪڙو اسٽاڪ وڪرو نه ٿي سگهيو، هيل عيد تي رڳو 10 ارب رپين جو مال وڪرو ٿي سگهيو. عتيق مير موجب ايراني جنگ ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 55 رپيا في لٽر واڌ سبب مهانگائي وڌي وئي، جنهن وچولي ۽ سفيد پوش طبقي کي سخت متاثر ڪيو. رمضان المبارڪ جي پهرين 2 ڏهن دوران خريدارن مارڪيٽن جو رخ نه ڪيو، آخري ڏهي ۾ رونق ۽ رش هوندي به خريداري ۾ نمايان بهتري نظر نه آئي. عتيق مير موجب عيد جي خريداري عورتن ۽ ٻارن جي ريڊي ميڊ گارمنٽس، جوتن، پرسن، رانديڪن، هوزري، آرٽيفيشل زيورن ۽ سستي سينگار جي سامان تائين محدود رهي. گهڻن خريدارن پنهنجي خواهشن جي ابتڙ محدود خريداري ڪئي هن وڌيڪ چيو ته شهر جي 200 کان وڌيڪ مارڪيٽن جا واپاري عيد خريداري جا منتظر رهيا پر سندن اميدن موجب ڪاروبار  وڪرو نه ٿي سگهيو.  هن چيو ته عيد تي شهر ۾ سيڪيورٽي  صورتحال غير تسلي بخش رهي، ٽريفڪ جو نظام به درهم برهم رهيو، جڏهن ته پارڪنگ مافيا من ماني فيون اوڳاڙيندي رهي. ساڳئي وقت مقامي ۽ غير مقامي پينو فقير بنا جهل پل گهمندا رهيا، جنهن سبب به خريدارن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو.