عيد سبب وڌيڪ ڀاڙا وٺندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروايون

جُون 25, 2023

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي ٽرانسپورٽ کاتي مختلف شهرن ۾ ڪارروائيون ڪيون آهن

ڪراچي ۾ تاج ڪامپليڪس، صدر، ريمبو سينٽر، صغير حسين شاهه روڊ تان غيرقانوني اڏن جو خاتمو ڪيو ويو

ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، نوشهروفيروز، سانگهڙ، گهوٽڪي، خيرپور، جيڪب آباد، شڪارپور دادو ۾ به ڪارروائيون ڪيون ويون

جڏهن ته عيد جي موقعي تي وڌيڪ ڪرايو اوڳاڙڻ تان مختلف ٽرانسپورٽرن تي هڪ لک 47 هزار روپيا ڏنڊ هنيو ويو، مسافرن کان وڌيڪ ڪرائي جي مد ۾ ورتل 3 لک 23 هزار روپيا به واپس ڪرايا ويا

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته مسافرن کي پريشان ڪندڙن کي معاف نه ڪيو ويندو، سنڌ حڪومت عوام کي هر طرف جو  رليف ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي

سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سليم راجپوت چيو آهي ته اضافي ڪراين جي وصولي خلاف مهم عيد تائين جاري رهندي

Leave A Comment