عيد ميلاد النبي اڄ ملهائي ويندي

عيد ميلاد النبي اڄ ملهائي ويندي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جشنِ عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ امت مسلمه کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 12 ربيع الاول جي بابرڪت ڏينهن تي هو پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ مسلمانن کي سيد الانبياءَ، خاتم النبيين حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ولادت باسعادت تي دلي مبارڪباد ۽ عقيدت پيش ڪري ٿو. هن چيو ته حضور اڪرم ﷺ جي پاڪ ذات انسانيت تائين ايمان، علم، اخلاق ۽ انصاف تي ٻڌل هڪ مڪمل ۽ مثالي ضابطه حيات جو الاهي پيغام پهچايو، هن چيو ته نوجوان نسل جي بهترين ڪردار سازي لاءِ سچائي، ديانتداري، محنت، نظم ۽ ضبط، قانون جي پاسداري ۽ احساس ذميواري جهڙين اسلامي قدرن کي سندن تربيت جو حصو بڻائڻو پوندو، ته جيئن اهي سيرت رسول ﷺ جي روشني سان منور ٿي علم ۽ تحقيق، محنت ۽ خدمت جي جذبن سان سرشار ٿي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهن. هن چيو ته اسان کي معاشري ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي، بين المسالڪ هم آهنگي ۽ بين المذاهب احترام کي هٿي ڏيڻي پوندي، اختلافن کي دشمني ۾ تبديل ڪرڻ بدران ڳالهه ٻولهه، برداشت ۽ باهمي احترام ئي اسوه رسول ﷺ جي سونهري اصولن موجب هڪ مضبوط ۽ پرامن معاشري جو بنياد آهن.
 

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر  آصف علي زرداري پوري قوم ۽ عالم اسلام کي نبي ڪريم حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ولادت باسعادت تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته هي ڏينهن اسان کي الله تعاليٰ جي ان عظيم نعمت جي ياد ڏياري ٿو، جنهن ذريعي انسانيت کي ايمان، هدايت، عدل، رحمت ۽ اخلاق حسنه جو مڪمل رستو عطا ٿيو. پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته الله تعاليٰ جو بي انتها احسان آهي، جنهن پنهنجي محبوب آخري نبي حضرت محمد ﷺ کي سمورن جهانن لاءِ رحمت بڻائي موڪليو. رسول اڪرم ﷺ جي ولادت باسعادت دراصل انسانيت جي اهڙي روشن دور جي شروعات هئي، جتي جهالت جي اونداهي مان ڇوٽڪارو مليو ۽ علم ۽ هدايت جي روشني نصيب ٿي. حضور اڪرم ﷺ جي آمد سان ظلم جو تدارڪ ٿيو، عدل ۽ انصاف جي لازوال روايت قائم ٿي ۽ طبقاتي ورهاست جي حوصلا شڪني ڪندي اخوت، برابري ۽ ڀائيچاري کي هٿي ملي. نوجوان نسل سيرت طيبه ﷺ مان رهنمائي حاصل ڪندي علم، بلند ڪردار، محنت ۽ انسانيت جي خدمت کي پنهنجي زندگي جو مقصد بڻائي.