عيد 29 يا 30 جون تي ٿيندي؟ عالمي فلڪياتي ماهرن اڳڪٿي ڪري ڇڏي

جُون 12, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) عالمي فلڪياتي ماهرن پاڪستان سوڌو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ عيدالاضحيٰ جي امڪاني تاريخ ٻڌائي ڇڏي آهي

عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب عالمي فلڪياتي اداري ذي الحج 1444 هجري جي چنڊ بابت تحقيق ڪئي جنهن بعد تفصيلي بيان جاري ڪيو ويو آهي

عالمي فلڪياتي مرڪز موجب عيد الاضحيٰ 28 جون تي ٿيڻ ممڪن نه آهي، اهي ملڪ جتي 18جون آچر ڏينهن تي 29 ذي القعد آهي اتي پهرين ذي الحج سومر 19جون تي ٿيندي ۽ عيد الاضحيٰ اربع 28 جون تي ٿيندي

امڪان آهي ته پاڪستان ۾ پهرين ذي الحج اڱارو 20 جون يا اربع 21 جون تي ٿئي، جيڪڏهن ايئن ٿئي ٿو ته پاڪستان ۾ عيد الاضحيٰ خميس 29 جون يا جمعي ڏينهن 30 جون تي ٿيڻ جو امڪان آهي

پاڪستان ۾ 18جون تي 28 ذي القعد هوندي ۽ چنڊ ڏسڻ لاءِ رويت هلال ڪاميٽي جو اجلاس سومر 19جون يعني 29 ذي القعد تي ٿيندو، هوڏانهن اسلامي ملڪن ۾ آچر 18جون تي چنڊ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي

Leave A Comment