غربت: جڏهن انگن اکرن ۾ خوشحالي هجي، پر ماڻهو بدحال ھجن!!…پروفيسر اختيار گھمرو

                 غربت کي انگن اکرن ۾ ماپڻ آسان آهي، پر غريب جي زندگيءَ ۾ ماپڻ انتهائي ڏکيو. هڪ سرڪاري رپورٽ ٻڌائي سگهي ٿي ته غربت جي شرح گهٽجي وئي، پر ان رپورٽ ۾ اهو نه لکيل هوندو ته ڪيترا ٻار اسڪول ڇڏڻ تي مجبور ٿيا، ڪيترن خاندانن علاج ڪرائڻ لاءِ قرض ورتو، ڪيترا هاري پنهنجي ئي پوکيل فصل مان مناسب حصو حاصل نه ڪري سگهيا، ۽ ڪيترا مزدور مهيني جي آخر ۾ به خالي کيسي سان گهر موٽيا. اهو ئي سوال هن ڪالم جو محور آهي: جيڪڏهن سرڪاري انگن اکرن ۾ غربت گهٽجي يا وڌي ٿي، ته عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ ان تبديليءَ جو معيار ڇا آهي؟

                 غربت رڳو خالي کيسي جو نالو ناهي، اها هڪ اهڙي حالت آهي، جتي ماڻهوءَ کي رهڻ لاءِ گهر، پيٽ ڀرڻ لاءِ ماني، پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ۽ ٻارن لاءِ تعليم پوري ڪرڻ لاءِ روزانو جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي. معاشي ٻوليءَ ۾ غربت کي عام طور ٻن حصن ۾ ورهايو وڃي ٿو: مطلق غربت، جنهن ۾ ماڻهوءَ وٽ بنيادي گذر سفر جيتري آمدني ئي ناهي هوندي، ۽ نسبتي غربت، جنهن ۾ ماڻهوءَ جي آمدني سماج جي سراسري معيار کان گهڻو گهٽ هوندي آهي. ان کان علاوه گھڻ رخي غربت جو تصور به آهي، جيڪا آمدني سان گڏ تعليم، صحت ۽ رهائش جهڙن معيارن کي پڻ شامل ڪري غربت جو جائزو وٺي ٿي.

هن سلسلي ۾ نوبل انعام يافته معاشي ماهر امرتيا سين هڪ اهم تصور پيش ڪيو، جنهن کي “صلاحيتي طريقه ڪار” سڏيو وڃي ٿو. سين مطابق غربت رڳو گهٽ آمدني جو نالو ناهي؛ اها ماڻهوءَ جي انهن بنيادي صلاحيتن کان محرومي آهي، جن ذريعي هو پاڻ لاءِ باعزت زندگي چونڊي سگهي ٿو، جهڙوڪ صحتمند رهڻ، تعليم حاصل ڪرڻ يا آزاديءَ سان فيصلا ڪرڻ جي سگهه. سين جي هن سوچ جي بنياد تي ئي اقوام متحده انساني ترقياتي اشاريو/اھڃاڻ ٺاهيو، جنهن ۾ رڳو آمدني نه، پر تعليم ۽ صحت جي معيارن کي پڻ شامل ڪيو ويو. مختصر طور، غربت انسان جي چونڊ، صلاحيت ۽ باعزت زندگي گذارڻ جي موقعن کان محرومي پڻ آهي.

عالمي بئنڪ غربت جي لڪير جو فيصلو ڪرڻ لاءِ مختلف معيار استعمال ڪري ٿي، جن ۾ گهٽ آمدني، هيٺانهين- وچولي آمدني (جنهن ۾ پاڪستان اچي ٿو) ۽ مٿانهين- وچولي آمدني وارن ملڪن لاءِ الڳ الڳ حدون مقرر آهن. هتي اهو ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي ته عالمي بئنڪ وقت بوقت پي-پي-پي (قوت خريد جي برابري) جي نئين بنياد تي بين الاقوامي غربت جون لڪيرون تبديل ڪندي رهي ٿي؛ تنهنڪري مختلف سالن جي انگن اکرن جو سڌو سنئون مقابلو احتياط سان ڪرڻ گهرجي.

عالمي بئنڪ جي 2024ع واري رپورٽ موجب دنيا جي لڳ ڀڳ 8.5 سيڪڙو آبادي، يعني تقريباً 69 ڪروڙ 20 لک ماڻهو، اڄ به انتهائي غربت جي حد کان هيٺ گذارو ڪن ٿا. اهو انگ 1990ع جي 37.9 سيڪڙي کان ڏسڻ ۾ گهڻي بهتري ڏيکاري ٿو، پر عالمي بئنڪ پاڻ اهو مڃيو آهي ته 2020 کان 2030ع تائين وارو ڏهاڪو “گم ٿيل ڏهاڪو” ثابت ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ڪورونا وبا، مهانگائي ۽ ماحولياتي بحران سبب غربت گهٽائڻ جي رفتار تمام سست ٿي وئي آهي.

غربت کي سمجهڻ لاءِ رڳو غريبن جي آمدني ڏسڻ ڪافي ناهي؛ اهو پڻ ڏسڻو پوندو ته دولت ڪنهن وٽ گڏ ٿي رهي آهي. فرانسيسي اقتصاديات دان ٿامس پيڪٽي جي مطابق سرمائي تي منافعو اڪثر ڪري معيشت جي مجموعي واڌ- ويجهه جي رفتار کان تيز رهيو آهي، جنهن سبب دولت مسلسل ٿورن هٿن ۾ گڏ ٿيندي ٿي وڃي، ۽ اهو رجحان پاڻمرادو گهٽجڻ وارو ناهي، جيستائين رياستون ڪوششون وٺي ان کي ناهموار نه ڪن. پيڪٽي ان ڪري ترقي پذير دولتي ٽيڪس ۽ عالمي مالياتي شفافيت جي وڪالت ڪري ٿو، ته جيئن حاصل ٿيندڙ آمدني تعليم ۽ صحت تي خرچ ڪري سگهجي.

عالمي مالياتي ادارو ۽ عالمي بئنڪ جيتوڻيڪ غربت گهٽائڻ کي پنهنجو مقصد قرار ڏين ٿا، پر انهن جي پاليسين تي هڪ اهم تنقيد خود انهن ادارن جي اندران آئي آهي. نوبل انعام يافته معاشي ماهر ۽ عالمي بئنڪ جي اڳوڻي چيف اڪانامسٽ جوزف اسٽگلٽز جو دليل آهي ته آءِ ايم ايف پاران قرضن سان گڏ لاڳو ڪيل “اسٽرڪچرل ايڊجسٽمينٽ” شرط، جهڙوڪ سبسڊيون گهٽ ڪرڻ ۽ تڪڙو خانگائڻ، ان ملڪ جي مخصوص تاريخ ۽ ادارتي حالتن جو خيال رکڻ کان سواءِ لاڳو ڪيون وڃن ٿيون. تنقيد ڪندڙن جو دليل آهي ته اهڙيون پاليسيون، خاص طور تي جڏهن مقامي حالتن کان ڪٽي لاڳو ڪيون وڃن، غربت گهٽائڻ بدران وڌائي سگهن ٿيون، ڇاڪاڻ ته انهن جو زور گهڻو ڪري سماجي انصاف بدران قرضن جي بروقت واپسي ۽ مالياتي استحڪام تي رهي ٿو.

بين الاقوامي امداد جو ڪردار به پيچيده رهيو آهي. زيمبيائي اقتصادي ماھر دامبيسا موئيو جو بنيادي دليل هن ريت آهي: امداد → دائمي انحصار → ادارن جي ڪمزوري → غربت جو مستقل ٿيڻ. سندس چوڻ مطابق: ڏهاڪن تائين ڏنل بين الاقوامي امداد اڪثر ڪري حڪومتن کي پنهنجي عوام آڏو جوابدار بڻجڻ کان بچائي ٿي ۽ ملڪن کي امداد تي دائمي انحصار ۾ ڦاسائي ٿي. تڪڙي امداد ڪيترن علائقن ۾ ضرور مدد ڏئي ٿي، پر اهو ڪم اڪثر مختصر مدت وارن منصوبن تائين محدود هوندو آهي، جيڪي فنڊنگ ختم ٿيڻ سان بند ٿي وڃن ٿا.

هاڻي پنهنجي اصل سوال ڏانهن اچون ٿا ته ڇا غربت گهٽجڻ ۽ غربت جي شرح گهٽجڻ هڪ ئي ڳالهه آهي؟ پاڪستان ۾ غربت جو رجحان گذريل ڏهن سالن ۾ هڪ ڊگهي ۽ ڏکوئيندڙ ڪهاڻي بيان ڪري ٿو. 2001-02ع ۾ ملڪ جي 64.3 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ هئي، جيڪا 2018-19ع تائين گهٽجي 21.9 سيڪڙو تي پهتي. پر عالمي بئنڪ جي تازي رپورٽ موجب اها ترقي وقتي ثابت ٿي: 2020ع ۾ ڪورونا وبا سبب غربت وڌي 24.6 سيڪڙو تي پهتي، 2022ع ۾ ٿورو بهتر ٿي 17.1 سيڪڙو تي آئي، پر 2022ع جي تباهي وارن ٻوڏن ۽ رڪارڊ مهانگائيءَ سبب 2023-24ع تائين غربت وري وڌي 25.3 سيڪڙو تي پهچي وئي، يعني اٽڪل هڪ ڪروڙ 30 لک ماڻهو رڳو هڪ سال اندر غربت ۾ شامل ٿي ويا. جيڪڏهن وچولي بين الاقوامي معيار تي ماپ ڪجي، ته پاڪستان جي غربت جي شرح 42.4 سيڪڙو تائين پهچي وڃي ٿي، ۽ نئين سرڪاري جائزي موجب اهو انگ 28.8 سيڪڙو (2024-25ع) تائين رپورٽ ٿيو آهي.

اهي انگ اکر رڳو ڪاغذن جا انگ ناهن، اهي ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته پاڪستان جي معاشي واڌ ويجهه جو ماڊل، جيڪو گهڻو ڪري ٺيڪيداري ۽ درآمدي واپار تي ٻڌل رهيو آهي، عام مزدور ۽ هاري تائين پهچي ئي نه سگهيو آهي. مثال طور، ڪنهن خاندان جي آمدني غربت جي لڪير کان ٿورو مٿي ٿي سگهي ٿي، پر جيڪڏهن ان خاندان کي ٻار جي بيماريءَ تي قرض وٺڻو پوي، ٻار اسڪول ڇڏي ڏئي، يا روزگار غير محفوظ هجي، ته ڇا ان خاندان کي واقعي معاشي تحفظ حاصل آهي؟ حڪومت پاران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جهڙا نقد امدادي پروگرام هلايا ويا آهن، پر اهي پروگرام غربت جي جڙ، بي زميني، تعليم ۽ صحت جي بدحالي کي حل ڪرڻ بدران، صرف ان جي اثر کي ٿورو نرم ڪن ٿا.سنڌ جي صورتحال هن سموري تصوير ۾ خاص طور ڳڻتيءَ جوڳي آهي. سرڪاري غربت جي جائزي موجب سنڌ ۾ غربت جي شرح 2018-19ع جي 24.5 سيڪڙو کان وڌي 2024-25ع ۾ 32.6 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته شهري سنڌ ۾ اها شرح لڳ ڀڳ ٻيڻي ٿي وئي آهي، 10.4 سيڪڙو کان 22.2 سيڪڙو. پاڪستان جي پهرين گھڻ رخي غربت انگن موجب سنڌ ۾ 43 سيڪڙو آبادي گھڻ رخي غربت جو شڪار آھي. سنڌ جي مختلف ضلعن، بدين، ٽنڊو محمد خان، ٺٽو، نوابشاهه، جامشورو، لاڙڪاڻو، قمبر- شهدادڪوٽ، جيڪب آباد ۽ خيرپور ۾ غربت جي شرح تمام گهڻي رهي آهي، جتي وسيلن جي کوٽ ۽ زمينداري نظام جي اثر هيٺ عام هاري سخت مشڪلاتن مان لنگهي رهيا آهن.

عالمي بئنڪ جي رپورٽ ۾ غربت جا انگ اکر يا سيڪڙو ھڪڙو آهي، سرڪاري دستاويز ۾ ٻي شرح، پر سنڌ جي ڳوٺن ۾ غربت ڪنهن فيصد جو نالو ناهي. اها ان ماءُ جي پريشاني آهي، جيڪا ٻار جي بخار لاءِ دوا خريد ڪرڻ ۽ گهر لاءِ اٽو وٺڻ مان هڪ چونڊ ڪري ٿي. لکين هاري ۽ مزدور خاندان اڄ به ڪچين جهوپڙين ۾ زندگي گذارين ٿا، جتي بجلي، پاڻي ۽ گئس جهڙيون بنيادي سهولتون يا ته موجود ئي ناهن يا انتهائي ناقص حالت ۾ آهن. صاف پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ سبب هزارين خاندان گدلو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن، جنهن سبب ٻارن ۾ خوراڪ جي کوٽ عام آهي. سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي موجودگي نه ھجڻ سبب علاج معالجو هڪ “لگزري” بڻجي چڪو آهي. تعليم جي حالت ان کان به وڌيڪ خراب آهي: ڪيئي سرڪاري اسڪول بند، يا اتي هڪ ئي استاد سڀني ڪلاسن کي پڙهائي رهيو آهي، جنهن سبب ننڍا ٻار اسڪول وڃڻ بدران زرعي مزدوري تي مجبور ٿين ٿا، ۽ غربت جو چڪر نسل در نسل جاري رهي ٿو.

سنڌ حڪومت پاران بينظير راشن رعايتي پروگرام، صحت ڪارڊ ۽ تعليمي وظيفن جا پروگرام هلايا ويا آهن، پر انهن جو دائرو محدود آهي ۽ اهي اڪثر وقتي سھاري تائين محدود رهجي ويا آهن. جيستائين زرعي شعبي ۾ حقيقي سڌارا ۽ ٻهراڙين ۾ بنيادي ڍانچي تي سنجيده سيڙپڪاري نه ڪئي ويندي، تيستائين اهي پروگرام غربت جي بنياد کي هٿ ئي نه لائي سگهندا.

غربت جي خاتمي لاءِ رڳو نقد امداد يا وقتي رليف پروگرام ڪافي ناهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته: (1) وڏن جاگيردارن جي زرعي آمدنيءَ تي منصفاڻي ٽيڪس لاڳو ڪري، حاصل ٿيندڙ آمدني عوامي صحت ۽ تعليم تي خرچ ڪئي وڃي؛ (2) بي زمين هارين کي محفوظ ٺيڪيداري حقن، لکيل ۽ رجسٽرڊ زرعي معاهدن، منصفاڻي فصل- ورهاست ۽ زرعي قرضن تائين آسان رسائي ڏني وڃي، ته جيئن سندن معاشي تحفظ يقيني بڻجي؛ (3) سرڪاري اسڪول ۽ اسپتالون ٻهراڙين ۾ فعال ۽ معياري بڻايون وڃن؛ (4) گهٽ ۾ گهٽ پگھار جي قانون تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي؛ (5) بين الاقوامي قرضن ۽ امداد جي شرطن کي عوامي ڀلائي واري نظر سان جانچيو وڃي؛ ۽ (6) اين جي اوز جي ڪم کي مختصر مدت جي منصوبن بدران ڊگهي مدي واري رٿابندي ۽ مقامي ادارن جي مضبوطيءَ سان ڳنڍيو وڃي، ته جيئن دائمي انحصار کان بچي سگهجي.

غربت جو علاج غريب کي ڪجهه وقت لاءِ پئسا ڏيڻ ناهي؛ اصل علاج اهڙو معاشي ۽ سماجي نظام ٺاهڻ آهي، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي محنت سان عزت، تعليم، صحت ۽ معاشي تحفظ حاصل ڪري سگهي. ٻي صورت ۾ اسان غربت کي ختم نه پيا ڪريون، رڳو ان جي انگ اکرن کي بهتر بڻائي رهيا آهيون، ۽ جيستائين اهو فرق نه سمجهيو ويندو، تيستائين ڪاغذن تي بهتري ايندي رهندي، پر ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ سک نه ايندو.