غربت ۽ مفلسي کان تنگ عورت پاران ڌيئرن سوڌو اجتماعي آپگهات جي ڪوشش
آڪٽوبر 31, 2023
ملير ۾ گگهر ڦاٽڪ ويجهو هڪ بيوهه عورت غربت ۽ مفلسي کان تنگ اچي پنهنجي ٻن ڌيئرن کي زهر پيارڻ بعد پاڻ به زهر پي ڇڏيو
عورت جي 6 سالن جي ٻارڙي صنم اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، قادر نگر واسڻ نورجهان سومرو پهرين پنهنجي چئن سالن جي ڌيءَ حرا ۽ 6 سالن جي ڌيءَ صنم کي زهر پياريو، بعد ۾ پاڻ به زهر پي ڇڏيو
عورت ۽ سندس ٻنهي ٻارڙين کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، معصوم ٻارڙي صنم اسپتال ۾ دم ڏنو
علائقي واسين موجب عورت جو مڙس فوت ٿي چڪو آهي، غربت ۽ مفلسي کان تنگ اچي هن ڌيئرن سميت اجتماعي آپگهات جي ڪوشش ڪئي