ڄامشورو (رپورٽر) غريبن جي ديس ۾ اميراڻا اگهه پر غريب به ڪروڙن جا کاڌا کائي خوش ٿي وڃن ٿا، ڄامشورو اهڙو منفرد هوٽل آهي
ڄامشورو جي هڪ هوٽل تي چانهه جو ڪوپ 50 لک رپيا، دال جي پليٽ هڪ ڪروڙ ۽ نان 15 لک روپين ۾ ملي ٿو
گولڊن لک پتي هوٽل تان ماني کائيندڙ ۽ چانهن پيئندڙ ماڻهن کي بل ڏسڻ بعد ڏندين آڱريون اچي وڃن ٿيون، گراهڪن کي بعد ۾ سستو بل ڏسي حيرت ۽ خوشي ٿئي ٿي
هوٽل جي مالڪ موجب هڪ ڪرڙو جو مطلب هڪ سئو رپيا ۽ هڪ لک رپين جو مطلب هڪ رپيو آهي، ان حساب سان 50 لکن واري چانهه 50 رپين ۾ ڏني وڃي ٿي
هوٽل جي مالڪ جو چوڻ آهي ته ڳرا اگهه ٻڌائڻ بعد سستا اگهه وصول ڪري اسان گراهڪن جي دل وندرايون ٿا