غريبن لاءِ سج به يمراج: ماني ڳولا ۾ نڪتل نينگر هيٽ اسٽروڪ ۾ فوت

جُون 4, 2023

ٽنڊوجان محمد (رپورٽر) ٽنڊوجان محمد ۾ پيٽ جي بک اجهائڻ لاء ايندڙ ڏھ سالن جو نينگر نعمان پٽ سليم فقير ھيٽ اسٽوڪ سبب فوت ٿي ويو.

انب موري کان بلال ميريج ھال تائين 3 ڪلو ميٽر پنڌ اچي بلال پمپ تي پاڻي پيتو ته ڪري پيو.

 پمپ وارن سرڪاري اسپتال پڄايو جتي ڊاڪٽرن نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.

لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.

مائٽن جو چوڻ ھو ته ڳوٺ جا ڇوڪرا بلال شادي ھال تي ويندا آھن اتي ڪنھن جي شادي يا ڪاڄ ھوندو آھي ته ڪم به ڪن ته ويلي جي ماني به کايو اچن.

اڄ به انھي آسري تي شادي ھال تي پنڌ ويل ھو سخت گرمي سبب پاڻي پيتو ۽ اتي ئي ڪري پيو ۽ گذاري ويو.

Leave A Comment