غريبن لاءِ 2025ع ڊيڄاريندڙ خواب: سيڙپ نه آئي، صنعتون بند، مهانگائي عروج تي رهي: ننڍا واپاري

غريبن لاءِ 2025ع ڊيڄاريندڙ خواب: سيڙپ نه آئي، صنعتون بند، مهانگائي عروج تي رهي: ننڍا واپاري

اسلام آباد (م ڊ) ننڍن واپارين سال 2025 کي ڪاروباري، سرمائيڪاري، بيروزگاري ۽ مهانگائي جي حوالي سان تاريخ جو بدترين سال قرار ڏئي ڇڏيو. واپارين ٻڌايو ته 2025 ۾ واپاري سرگرميون 60 سيڪڙو کان به گهٽ رهيون. سياسي عدم استحڪام معاشي بحران کي جنم ڏنو، مستقبل کان مايوسي ۽ غيريقيني صورتحال سبب مقامي مارڪيٽ تي سرمائيڪارن جو ڀروسو نه ٿي سگهيو، نوان واپاري ۽ صنعتي يونٽ به قائم نه ٿي سگهيا. آل ڪراچي واپاري اتحاد جي سربراهه عتيق مير طرفان جوڙيل رپورٽ موجب سال 2025 تاله بندي جو سال رهيو. تمام گهڻين صنعتن ۽ ڪاروبار جي بندش سبب بيروزگاري ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو. سرمائي جي پرڏيهه منتقلي جو رجحان وڌي ويو. مسلسل وڌندڙ ۽ برداشت نه ڪرڻ جوڳي مهانگائي 2025 کي وچولي طبقي لاءِ ڊيڄاريندڙ خواب بنائي ڇڏيو. ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچائڻ جا دعويدار صنعت ۽ واپار کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان نه بچائي سگهيا. 2025 ۾ سرڪاري شعبن جي ڪارڪردگي به بدترين رهي. نااهلي ۽ غفلت ۾ ٻڏل حڪمرانن پرڏيهي سرمائيڪاري جي نالي سان 35 پرڏيهي ملڪن جا دورا ڪيا. پر هڪ ٽڪو به نه اچي سگهيو، جڏهن ته مقامي سرمائيڪار به ٻاهر منتقل ٿيندا رهيا. ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ ڪنهن به قسم جون سنجيده ڪوششون ۽ حڪمت عملي نظر نه آئي، 2026 ۾ به پري پري تائين پريشانين جي خاتمي ۽ بهتري جي اميد نظر نه اچي رهي آهي. آل ڪراچي واپاري اتحاد جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽيڪسن جي ڀرمار، بجلي، گيس، پيٽرول ۽ ڊالر جون برداشت نه ڪرڻ جوڳيون قيمتون ۽ مصنوعي مهانگائي جي روڪٿام نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ معيشت مسلسل تنزلي جو شڪار رهي.