غريب دوست پورٽ فوليو ۾ 6.3 اربن جي  ڪٽوتي

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ گھٽ آمدني وارن خاندانن، عورتن، معذورن، هارين ۽ ننڍن واپارين کي فائدو ڏيڻ لاءِ شروع ڪيل غريب دوست پورٽ فوليو لاءِ ايندڙ مالي سال ۾ 13.3 ارب روپيا رکڻ جو اعلان ڪيو. جڏهن ته گذريل سال انهي مد ۾ 19.6 ارب روپيا رکيا ويا هئا. گذريل سال پيپلز هاري ڪارڊ 8 ارب روپين جي ڪاٿي سان شروع ڪيو ويو هو، جيڪو 3 ارب روپين جي ڪٽوتي سان نئين مالي سال ۾ جاري رهندو. جڏهن ته سنڌ پيپلز سپورٽ پروگرام لاءِ 2 ارب، بينظير هائوسنگ لاءِ 2 ارب، ايس ايم اِي ۽ ايس اِي ڊي ايف لاءِ 2 ارب، بيواهن ۽ يتيمن جي مدد لاءِ 200 بجاءِ 600 ملين، هيومن ڊولپمينٽ لاءِ 500 ملين جي گرانٽ وڌائي 2 ارب روپيا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.