ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ سرڪار وارننگ ڏيندي چيو آهي ته 10سيڪڙو غريب شاگردن کي مفت داخلا ۽ تعليم نه ڏيندڙ پرائيويٽ اسڪولز خلاف ڪارروائي ٿيندي، قانون تي عمل نه ڪندڙ نجي اسڪولن جا لائسنس رد ڪيا ويندا
سنڌ اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ پاران سرڪيولر ذريعي وارننگ جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مفت داخلائون ۽ تعليم حاصل ڪندڙ غريب شاگردن سان ڪو به متڀيدي سلوڪ نه ڪيو وڃي
سرڪيولر ۾ چيو ويو ته سنڌ جو هر اسڪول غريب شاگردن جي ڪوٽا تي عملدرآمد بابت پنهنجا تفصيل جمع ڪرائي
2 ڏينهن اڳ سنڌ جي نگران وڏي وزير سخت ڪاوڙ ظاهر ڪندي انڪشاف ڪيو هو ته سنڌ ۾ نجي اسڪول 10 سيڪڙو غريب ٻارن کي مفت داخلا ڏيڻ واري قانون تي عمل نه پيا ڪن، 10 سيڪڙو غريب ٻارن کي مفت تعليم ڏيڻ وارو قانون 2013 ۾ منظور ڪيو ويو هو