غريب عورتن جي پئسن تي ڌاڙو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سينٽرن تي عورتن جي رش، رقم ڪٽوتي جون دانهون

جُون 20, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت عورتن کي 9 هزارن جي قسط ملڻ شروع، سينٽرن تي رش، مستحق عورتن پاران رقم ڪٽوتي جون شڪايتون ڪيون ويون آهن

سينٽرن تي وظيفو وٺڻ آيل عورتن جي رش آهي، گرمي جي ڪري ڪيتريون ئي عورتون بيهوش ٿي ويون، سينٽرن تي پيئڻ جي پاڻي جي به سهولت ميسر ناهي

سجاول جوڻيجو ۾ عورتن 500 کان 1000 رپيا ڪٽوتي جون دانهون ڪيون ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جي گهر ڪئي،

غلام شاهه موري ۾ اڄ ٻئي ڏينهن به بي آءِ ايس پي سينٽر نه کلي سگهيو جنهن ڪري سوين عورتون دربدر ٿي ويون آهن، عورتون اس ۾ سينٽر ٻاهران انتظار ڪنديون رهيون، ٻڌايو پيو وڃي ته ڊوائيس هولڊرن کي بي آءِ ايس پي ڪوڊ نه ملي سگهيو آهي، عورتن جو چوڻ آهي ته عيد مٿان آهي پر اڃا تائين پئسا ناهن مليا، ڀاڙا ڪري ڳوٺ کان اچڻ باوجود پئسا نٿا ملن

فيض گنج  ۾ بي آءِ ايس پي پروگرام جا سينٽر پڪا چانگ ۽ ڀنگو بهڻ بند هجڻ ڪري عورتون قسط وٺڻ کان محروم بڻيل آهن، جڏهن ته امن چودڳي، ڪوٽ لالو، ڪرونڊي، ظفر آباد سينٽرن تي عورتن جي رش آهي، عورتن شڪايت ڪئي ته 2 کان 3 هزار ڪٽوتي ڪئي ٿي وڃي

قمبر ۾ وظيفو وٺڻ آيل عورتن جي بوائز هاءِ اسڪول ۾ قائم ڪيل سينٽر تي رش رهي، اس ۾ بيٺل عورتن ڪٽوتي جون دانهون ڪيون، مسمات سڪينه، اميدان خاتون، ساجده ۽ ٻين دانهون ڪيون ته سينٽر تي مقرر ڪيل ايجنٽ 9 هزار جي آيل قسط مان هڪ هزار رپيا ڪٽوتي ڪري رهيا آهن

پيرڳوٺ جي هاءِ اسڪول ۾ بي آءِ ايس پي سينٽر قائم ڪري عورتن کي رقم ڏني پئي وڃي، عورتن شڪايتون ڪيون ته 1500 کان 2000 رپيا في ڪارڊ تي ڪٽوتي ڪئي ٿي وڃي

Leave A Comment