اياز حسين قادري 19 جنوري 1927ع تي فقير غلام سرور جي گهر ۾ جنم ورتو، لاڙڪاڻي جي محلي ميان ڳڙهي ۾ پيدا ٿيل هيءُ نينگر اڳتي هلي سنڌ جو وڏو شاعر، ڪهاڻيڪار، صحافي ۽ محقق ٿيو، مئٽرڪ جي تعليم لاڙڪاڻي مان ۽ پوءِ ڪراچي مسلم ڪاليج مان پڙهيو، 1982ع ۾ سنڌي غزل جي اوسر جي عنوان سان مقالو علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي نگرانيءَ ۾ لکي پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين، سندن ضخيم مقالو ٻن جلدن ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي شايع ڪيو. ھو لياري هاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ پهرين ماستر ۽ پوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار ۽ اتي ئي اسسٽنٽ پروفيسر ۽ سنڌي ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين مقرر ٿيو. آخر تائين شاهه عبداللطيف چيئر جو سربراهه رهيو. سندس ڪتابن ۾ بلو دادا، مٽيءَ لڌو مان، عشقي داستان، منهنجا درسگاهه، سنڌي غزل جي اوسر، ۽ ٻيا شامل آهن. صحافت ۾ هفتيوار نوجوان، ناخدا ۽ الحقيقت ۽ لاڙڪاڻو جو ايڊيٽر رهيو،
اياز صاحب بنيادي طور شاعر هو. غزل جي صنف ۾ سندس ڪم اهميت جوڳو آهي. ديوانِ قادري هن ڏس ۾ اهم آهي ته غزل جي اوسر جو سندن مقالو غزل جي صنف جي باري ۾ وڏي ڄاڻ ڏئي ٿو. جنهن ۾ شاعريءَ جي هن اهم صنف جي مختلف دورن ۽ سنڌي غزل ۾ آيل مختلف لاڙن جي نشاندهي ٿئي ٿي ته ڪيترن ئي غزل گو شاعرن جو ڪلام پڻ هن مقالي ۾ مثال طور موجود آهي.
سنڌي ادبي سنگت کي نئين سر منظم ڪرڻ ۾ اياز صاحب جو هٿ هو. شاعرن ۽ اديبن کي هڪ پليٽ فارم تي ڏسڻ جي خواهشمند اياز قادريءَ سنڌ ادبي سوسائٽي، جمعيت الشعراء سنڌ، سنڌي ادبي سنگت ۾ ڪم ڪيو، سنگت جي 17 آڪٽوبر 1956ع تي نئين سر تنظيم سازي ڪيائين. پاڻ ادبي سنگت جي بانين ۾ شمار ٿئي ٿو.
اياز قادريءَ جي افسانوي مجموعي بلو دادا جو پهريون ڇاپو 1957ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو 1978ع ۾ ورسٽي پبليڪيشن ڪراچي يونيورسٽيءَ شايع ڪيو، انهيءِ کانپوءِ به ڇپجندو رهيو آهي. 12 مختصر ڪهاڻيون بلو دادا، مان انسان آهيان، هي ليڊر، قانون، فرشتو، ڪفن چور، امڙ مان نه ڪندس، علوءَ جا عشق، ڀوڪ، بي شرم، بهروپي ۽ هاجران آهن. سندس لکڻ جو نمونو سادو سودو آهي، جنهن ۾ هن حياتيءَ جي حقيقتن کي افسانوي انداز سان بيان ڪيو آهي، جيئن ڪفن چور ڪهاڻي ڪرم الله نالي مولويءَ جي آهي، جو رات جو ڪفن چوري ڪندي مُقام ۾ پڪڙجي پوي ٿو. کيس پنهنجي جوان ڌيءَ هاجران جي اگهاڙپ ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو درڪار هوندو آهي. سندس مالي حالت بيان ڪندي قادري صاحب لکي ٿو ته، “نمازي جيئن پوءِ تيئن ويا گهٽ ٿيندا. منهنجي اولاد وئي وڌنڌي. شيون جي ڪالهه سستيون هيون، سي اڄ چوٽ چڙهي ويون. ڪالهه روپئي ۾ ايترو ان ملندو هو، جو سارو مهينو هلندو هو. اڄ ڏهين رپئين ۾ ايترو مَسَ ٿي مليو، جو ٻه هفتا کن مَسَ هلي. پهرين ٻه سِرَ هئاسين، هاڻ ٻن مان ڦري پنج ٿياسين، مگر منهنجي مسجد جي پگهار جا پهرين ڏينهن کان مقرر ٿي هئي، ان جي شرح ۾ ڪو به ڦيرو نه آهي”.
مئڪسيم گورڪيءَ جي آتم ڪهاڻي: منهنجا درسگاهه اياز صاحب ٽن جلدن ۾ ترجمو ڪري ترجما نگاريءَ جي فن ۾ پاڻ ملهايو ترجمي جو مثال هن ريت آهي، ڪڏهن ڪڏهن خيالي تصورن ۾ مان پاڻ کي جوکائتا سفر ۽ سورهيائيءَ جا ڪارناما ڪندي ڏسندو هئس، زندگيءَ جي ڏکين ڏينهن ۾ اهي تصور منهنجي لاءِ وڏي آٿت هئا. جيئن جيئن زندگي منهنجي لاءِ ڏکي ٿيندي پئي وئي، تيئن تيئن مان وڌيڪ نڊر ۽ سمجهو ٿيندو پئي ويس. مون انهيءَ ننڍيءَ عمر ۾ اها ڳالهه محسوس ڪئي ته ماڻهو تڏهن ئي ماڻهو ٿئي ٿو ته جڏهن هُو پنهنجي حالات کي ڏسندي ۽ انهن مان گذرندي سکي ٿو.
مون مطالع سپرين: شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ جي باري ۾ اياز جي مقالن جي ڪتاب ۾ سورنهن مضمون ۽ مقالا آهن ٻه سئو چوويهن صفحن جو هيءُ ڪتاب شاهه عبداللطيف چيئر ڪراچي 1995ع ۾ شايع ڪيو. ڪتاب ۾ آيل مقدمو اياز قادريءَ جي شاهه جي رسالي جي اردو ترجمي شاهه ڪا ڪلام مان ورتل آهي، ليکن ۾ شاهه جو رقيب، شاهه ۽ سنڌ جي سياست، شاهه جا پهاڪا، شاهه ۽ قسمت، سارنگ جي سورمي، کاهوڙي خبرون، متو آهين مچ، جي ڀانئين جوڳي ٿيان، شاهه عبداللطيف ۽ ڪربلا جو قضيو، شاهه جا پاراتا ۽ دعائون، شاهه جو ڊرامائي انداز، نئين شرح لطيفي آهن، هنن مختلف ۽ منفرد موضوعن تي لطيفيات ۾ اڳ ۾ لکيل مواد نه هئڻ برابر آهي. هي مضمون معلوماتي آهن، باقي ڪتاب ۾ ڏنل حوالا آخر ۾ يا فوٽ نوٽ ۾ ڄاڻايل نه آهن ۽ نه ئي شاهه جي رسالي جي بيتن جو سر يا داستان ڏسيل آهي، هيءُ هڪ ڪامياب ڪوشش ضرور آهي.
ڊاڪٽر اياز لکي ٿو ته، رقيب جو وجود شاهه ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ سڀ کان پهرين ملي ٿو، شاهه سائين عاشق جي عشق جي رستي ۾ رقيب جي آيل رڪاوٽن کي دل سان نندي ٿو ۽ هو انهيءَ مهل رقيب يا کر کي بددُعا به ڏئي ٿو، شاهه وٽ کر يا رقيب هڪ به آهي ته ڪجهه هنڌن تي هڪ کان وڌيڪ رقيبن يا کرن جو ذڪر آهي، جيئن: کيڪاريم کرن کي، کجايون کرن کي يا خبر پئي کرن… وغيره.
شاهه لطيف جي شاعريءَ جو اردو نثر ۾ ترجمو چئن جلدن ۾ اڪيڊمي آف ليٽرز جي طرفان ڪيائين. ڊاڪٽر اياز شاعريءَ ۾ نظم، ڪافيون، گيت ۽ وايون ۽ خاص غزل چيا آهن، سندس شاعري جو مثال هن ريت آهي؛
جنهن ۾ هوندي بيان تنهنجي ثنا،
شعر جو سو شاهڪار ٿي ويندو،
هن جي اکين ۾ آهي لڙڪ رڪيل،
جي ڪريو ته آبشار ٿي ويندو.
ڊاڪٽر اياز قادري 71 سالن جي عمر ۾ 15 ڊسمبر 1997ع تي وفات ڪئي.