| غزه بحران تي عالمي برادري کي ردعمل ڏيڻو پوندو: اسحاق ڊار |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته غزه ۾ اسرائيل جي ڪيل ظلم انساني زندگين ۽ عالمي ضمير لاءِ قبرستان بڻجي ويو آهي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي وقار، آزادي ۽ سندن ناقابل تنسيخ حقن لاءِ پنهنجي غير متزلزل حمايت جو ٻيهر اظهار ڪري ٿو. فلسطين ۾ غيرمعمولي انساني بحران تي عالمي برادري کي فوري ۽ اثرائتي ردعمل ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ٻه رياستي حل ۽ غزه امن منصوبي سان تشدد جو سلسلو روڪڻ ۽ مستقل امن حاصل ڪرڻ جو حقيقي موقعو ملي ٿو. اسرائيل کي لازمي طور تي فوري انساني امداد تائين رسائي، فوجن جي مڪمل واپسي ۽ گڏيل قومن جي اداري کي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيڻي پوندي. اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته مقبوضه مغربي ڪناري ۾ غيرقانوني آبادڪاري جي توسيع فلسطيني علائقن جي وحدت ۽ جغرافيائي ساڃاهه کي خطري ۾ وجهي رهي آهي.