غزه تي اسرائيلي حملا جاري، ٻن ٻارن سميت 5 شهيد

غزه تي اسرائيلي حملا جاري، ٻن ٻارن سميت 5 شهيد

يروشلم (م ڊ) غزه اختيارين جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فائرنگ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج ماڻهو مارجي ويا آهن، جن ۾ ٻه ٻار به شامل آهن. حماس جي سول ڊفينس ريسڪيو سروس چيو آهي ته مرڪزي غزه پٽي جي دير البله علائقي ۾ هڪ خيمي تي بمباري ۾ ٻه فلسطيني مارجي ويا. ڏکڻ غزه ۾ خان يونس جي اتر ۾ اسرائيلي فائرنگ ۾ هڪ 10 سالن جي ڇوڪري پڻ مارجي وئي مرڪزي غزه پٽي ۾ البوريج پناهگير ڪئمپ تي اسرائيلي هوائي حملي ۾ هڪ چار سالن جو ٻار مارجي ويو، اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ هڪ پورو رهائشي بلاڪ تباهه ٿي ويو ۽ هڪ ماءُ ۽ سندس ٻار کي ٻئي گهر جي ملبي هيٺان بچايو ويو خان يونس ۾ هڪ ٻئي هوائي حملي ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ پنج ٻيا زخمي ٿيا. اسرائيلي جنگي جهازن پاڻي صاف ڪرڻ واري پلانٽ تي ٽي ميزائل فائر ڪيا، جنهن سان اهو تباهه ٿي ويو. حماس جي ترجمان حازم قاسم بمباري جي مذمت ڪندي چيو ته اها غزه جي رهواسين کي جيئڻ جي سڀني ذريعن کان محروم ڪرڻ جي هڪ ٻي ڪوشش هئي. اسرائيلي فوج چيو ته ان ڊي سيلينيشن پلانٽ کي نه پر حماس جي هٿيارن جي اسٽوريج جي سهولت کي نشانو بڻايو. ٻين واقعن جي ڪا به ڄاڻ ناهي.غزه جي صحت واري وزارت جي مطابق، جنگ بندي لاڳو ٿيڻ کان وٺي اسرائيلي ڪارروائين ۾ 1,288 ماڻهو مارجي ويا آهن.